جروار لڳ قائم پرائمري اسڪول پنجن ورهين کان بند، شاگردن جو اسڪول کولرائڻ جو مطالبو

جروار لڳ قائم ٻانهون خشڪ پرائمري اسڪول پنجن ورهين کان بند پيل آهي، معصوم شاگردن سنڌ سرڪار ترت اسڪول کولرائڻ جو مطالبو ڪيو آهي.

معصوم شاگردن محمد بلاول نور نبي، نويد خشڪ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي.

ان موقعي تي شاگردن جو چوڻ هو ته استاد نه اچڻ سبب اسڪول 5 ورهين کان  بند پيل آھي، ڪير به پڙهائڻ وارو ناهي.

شاگردن جو چوڻ هو ته سندن والدين شڪايتون ڪيون پر اسڪول نٿو کوليو وڃي، بنا دير اسڪول کولرايو وڃي، جيئن تعليم پرائي ملڪ جو نالو روشن ڪري سگھون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.