سڀ ڪجهه سوچيل سمجهيل سازش تحت ٿي رهيو آهي: فضل الرحمان

 

سکر (ويب ڊيسڪ) پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته اسان هر وقت ميدان ۾ آهيون، ملڪ جو ڏيوالو ٿي رهيو هو اسان ملڪ بچايو، حڪومت ۾ شامل جماعتون ٽيم جيان ڪم ڪري رهيون آهن.

سکر ۾ صحافين سان ڳالهائيندي مولانا فضل الرحمان چيو ته سعودي ولي عهد پاڪستان دوري جو اعلان ڪيو ته لانگ مارچ جي ڌمڪي ڏني وئي، سڀ ڪجهه سوچيل سمجهيل سازش تحت ٿي رهيو آهي، آرمي چيف جي مقرري آئين موجب ٿيڻ گهرجي.

هن چيو ته ٻوڏ ملڪ جي معيشت کي نقصان پهچايو، ملڪ کي پيش چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ گڏجي ويهڻ جي ضرورت آهي، فيصلا ڪنهن جي مرضي سان نه آئين موجب ٿيندا.

سندس چوڻ هو ته اسان پنهنجي لانگ مارچ ۾ ڪو روڊ بلاڪ نه ڪيو، توهان سياسي قيادت کي بليڪ ميل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيو، ملڪ جي ادارن تي اسان کي اعتماد ڪرڻ گهرجي، مرضي جو آرمي چيف لڳائڻ لاءِ بليڪ ميل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.

فضل الرحمان وڌيڪ چيو ته جيستائين عمران خان سياست ۾ رهندو وڊيو ليڪ جهڙا معاملا ٿيندا رهندا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.