انگلينڊ خلاف قومي اسڪواڊ جو اعلان، حسن علي جو ردعمل سامهون اچي ويو

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي فاسٽ بالر حسن علي پاڪستان ۽ انگلينڊ وچ ۾ ٿيندڙ ٽيسٽ سيريز لاءِ قومي اسڪواڊ ۾ جڳهه نه ٺاهڻ تي پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو آهي.

حسن علي پنهنجي ٽوئيٽر تي تصوير شيئر ڪئي ۽ ڪيپشن ساٿي ڪرڪيٽرن کي اسڪواڊ ۾ چونڊجڻ تي واڌايون ڏيندي لکيو ته منهنجي انهن سمورن دوستن کي واڌايون هجن جيڪي انگلينڊ خلاف ٽيسٽ سيريز لاءِ ٽيم جو حصو بڻيا آهن.

حسن علي لکيو  ته انشاءَ الله مان علائقائي ڪرڪيٽ ۾ سخت محنت ڪندس ۽ ٽيم ۾ ٻيهر جاءِ ٺاهيندس.

فاسٽ بالر جي ٽوئيٽ تي سندس ويجهي دوست ۽ ساٿي ڪرڪيٽر شاداب خان ردعمل ڏيندي لکيو ته انڪري اوهان جي هڪ چمپيئن واري سوچ آهي، اوهان سدائين پنهنجي ٽيم کي سپورٽ ڪندا آهيو ۽ سخت محنت ڪيو ٿا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.