فيفا عالمي ڪپ ۾ پاڪستان جا تيار ڪيل فٽبال استعمال ٿيندا

فٽبال عالمي ڪپ ۾ لاڳيتو ٽيون دفعو پاڪستان جي شهر سيالڪوٽ ۾ تيار ڪيل فٽبال استعمال ٿيندا.

سيالڪوٽ ۾ تيار ٿيندڙ فٽبال الريحله عالمي ڪپ ۾ استعمال ٿيندو، الريحله جنهن جي معني سفر آهي.

فيفا ورلڊ ڪپ لاءِ تيار ڪيل اهو آفيشل بال 20 پئنلز تي ٻڌل آهي.

قطري ثقافت جي رنگن سان رڱيل آفيشل بال سيالڪوٽ جي فيڪٽري ۾ تيار ڪيو ويو آهي جنهن ۾ پهريون ڀيرو ري سائيڪلنگ ۽ واٽر بيس ميٽريل جو استعمال ڪيو ويو آهي.

فيڪٽري مالڪ خواجه مسعود جو چوڻ آهي ته ان ۾ ري سائيڪل ۽ بائيو بيس نيچرل ميٽريل جو استعمال ڪيو ويو آهي ته جيئن گهٽ کان گهٽ گدلي ٿئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.