نرس جي آپگهات جي ڪوشش جي چڪر ۾ سيڪيورٽي گارڊ مارجي ويو !

ڪائرو(ويب ڊيسڪ) مصر جي هڪ يونيورسٽي ۾ عجيب واقعو پيش آيو جتي هڪ نرس آپگهات ڪرڻ جي ڪوشش ۾ ڊگهي عمارت تان ٽپو ڏنو.

پرڏيهي خابرو اداري موجب شديد نفسياتي بيماري ۾ مبتلا نرس آچر تي گفرالشيخ يونيورسٽي اسپتال جي ڇهين ماڙ تان ٽپو ڏنو ۽ هيٺ سيڪيورٽي گارڊ مٿان اچي ڪري.

رپورٽ وجب آچر تي اسپتال جي ڊائريڪٽر کي اطلاع ڪيو ويو ته ٻاويهن سالن جي نفسياتي مسئلن جو شڪار نرس آپگهات جي ڪوشش ڪندي ڇهين ماڙ تان ٽپو ڏنو هو ، ٽپو ڏيندڙ ناري هيٺ موجود 29 سالن جي سيڪيورٽي گارد علاءِ رمضان يونس جي مٿي تي اچي ڪري.

زخمي اهلڪار کي فور اسپتال موڪليو ويو پر هو واقعي جي ڪجهه وقت کانپوءِ اجل جو شڪار ٿيو.

ٻئي پاسي نرس جو اسپتال ۾ علاج جاري آهي.

مصر جي پبلڪ پراسيڪيوشن پاران واقعي جي جاچ جاري آحي جڏهن ته موت جو شڪار ٿيندڙ نوجوان کي دفنايو ويو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.