ايندڙ ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي فارميٽ ۽ ٽيمن جي انگ بابت آءِ سي سي تفصيل جاري ڪري ڇڏيا

دبئي ( ويب ڊيسڪ ) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل ( آءِ سي سي ) ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ 2024ع جي فارميٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو .

ويسٽ انڊيز ۽ آمريڪا ۾ شيڊول ايونٽ جو فارميٽ گذريل ايونٽن کان مختلف هوندو ۽ ايندڙ عالمي ڪپ ۾ ويهه ٽيمن کي چئن گروپن ۾ ورهايو ويندو.

هر گروپ مان ٻه، ٻه ٽيمون سُپر 8 مرحلي لاءِ ڪواليفاءِ ڪنديون ۽ سُپر 8 جي ٽيمن کي ٻن گروپن ۾ ورهايو ويندو.

سپر 8 جون چار ٽاپ ٽيمون سيمي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪنديون.

ايندڙ ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ ۾ 55 ميچون کيڏيون وينديون.

آمريڪا ۽ ويسٽ انڊيز ميزبان هئڻ جي بنياد تي ڪواليفاءِ ڪري ورتو جڏهن ته پاڪستان، انگلينڊ ۽ نيوزيلينڊ 2022ع ڪارڪردگي جي بنياد تي جاءِ پڪي ڪئي.

آسٽريليا، نڌرلينڊ، سريلنڪا ۽ ڏکڻ آفريڪا به هن سال جي ڪارڪردگي تي ڪواليفاءِ ڪري چڪا آهن جڏهن ته افغانستان ۽ بنگلاديش رينڪنگ جي بنياد تي ايندڙ ورلڊ ڪپ لاءِ ڪواليفاءِ ڪيو.

ٻين اٺ ٽيمن جو فيصلو ڪواليفائر جي بنياد تي ڪيو ويندو، آفريڪا، ايشيا ۽ يورپ مان ٻه، ٻه  جڏهن ته پيسفيڪ ۽ آمريڪا مان هڪ، هڪ ٽيم ڪواليفاءِ ڪندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.