فرحان سعيد جو عروه سان هٿ ملائڻ کان انڪار

پاڪستان جي مشهور اداڪار ۽ ڳائڻي فرحان سعيد کان سندس ذاتي زندگي بابت سوال پڇيو ويو جنهن ۾ هن زال سان هٿ ملائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.

اداڪار جوڙي ۾ ٻن سالن کان طلاق جا چرچا هلن پيا جڏهن ته هن وقت تائين اب بابت ڪا به تصديق نه ڪئي وئي آهي.

فرحان سعيد ۽ عروه حسين وچ ۾ نومبر 2020 ۾ شروعاتي اختلاف پوءِ عليحدگي تازو طلاق جون افواهون هلي رهيون آهن جڏهن ته ان وقت کان ٻنهي کي گڏ نه ڏٺو ويو آهي جڏهن ته گذريل مهيني 18 آڪٽوبر تي ٻنهي کي ٽچ بٽن فلم جي پروموشن ۾ گڏ ڏٺو ويو.

ٻنهي کي فلم جي پروموشم ۾ گڏ ڏٺو ويو پر هڪ ٻئي کان محتاط نظر آيا جنهن تي ٻنهي ۾ تڪرار جون ڳالهيون خبرن جي زينت بڻجي ويون.

تازو انٽرويو ۾ جوڙيءَ جو موقف غيرواضح رهيو جنهن تي مداحن وڌيڪ ڳڻتي جو شڪار ٿيا.

فلم جي پروموشن جي پريس ڪانفرنس ۾ هڪ صحافي سوال ڪيو ته جيئن ٻنهي اداڪارن جي ذاتي زندگي صحيح آهي ته هڪ ٻئي سان هٿ ملائين جنهن تي فرحان سعيد کيس تکو جواب ڏنو.

اداڪار صحافي جو سڄو نالو وٺڻ کانپوءِ مخاطب ڪيو ته ”ٺاڪر صاحب، ٺاڪر صاحب، ٺاڪر صاحب“ جنهن تي صحافي چپ ٿي ويو.

اداڪار جي جواب کي مداحن پاران ڀرپور موٽ ملي ۽ سوشل ميڊيا تي سندس تعريف ڪئي وئي جڏهن ته صحافي تي تنقيد ڪندي چيو ويو ته کيس ذاتي سوال نه پر پروفيشنل سوال ڪرڻ گهربا هئا.

واضح رهي ته فلم ”ٽچ بٽن“ کي ايندڙ هفتي ۾ ريليز ڪيو ويندو، فلم جي پروڊيوسر عروه حسين آهي جنهن ۾ فيروز خان ۽ سونيا حسين به اداڪاري جا جوهر ڏيکاريا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.