چين ۾ ڪورونا ٻيهر ڪر کنيو، 6 مهينن کانپوءِ پهريون موت رپورٽ

بيجنگ(ڳويب ڊيسڪ) چين ۾ ”زيرو ڪووڊ پاليسي“ باوجود ڪورونا وائرس جي وڌندڙ پکڙڻ دوران بيجنگ ۾ ڇهن مهينن کانپوءِ پهرين فوتگي رپورٽ ٿي آهي.

ميڊيا رپورٽ موجب مييونسپل اداري اعلان ڪيو آهي ته بيجنگ ۾ ڪورونا سان متاثر ٿيندڙ 87 وريهن جي ماڻهو جي فوتگي ٿي آهي جڏهن ته شهر ۾ 621 نوان ڪيس سامهون آيا آهن.

چين تازو سنيپ لاڪ ڊائون، وڏي پيماني تي ٽيسٽنگ ۽ قرنطينا جي پاليسي جوڙي آهي جڏهن ته سڄي دنيا ڪورونا سان رهڻ جي عادت ڌاري رهي آهي.

نيشنل هيلٿ ڪميشن وڌيڪ ٻڌايو ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾  24 هزار کان وڌيڪ ڪيس رڪارڊ ٿيا آهن.

اهو انگ ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ گهٽ آهي پر اهو واڌارو چين ۾ ڪيترين ئي مهينن کان ڪيسز ۾ مسلسل کوٽ کانپوءِ سامهون آيو آهي.

واضح رهي ته اها واڌ اهڙي وقت ۾ سامهون آئي آحي جڏهن تازو چين ۾ 11 نومبر تي ڪورونا وائرس جي روڪٿام لاءِ عمل ۾ نرمي آندي وئي.

بيجنگ ۾ تازو ڪجهه ڏينهن ۾ شهرين کي گهرن تائين محدود ڪرڻ ۽ ٻين جڳهن کي قرنطينا بڻائڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

گذريل ڏينهن گوانگزو ۾ هر مهيني 8 هزار کان وڌيڪ ڪيس رپورٽ ٿيا آهن، جنهن سبب اختياريون ضلعي هائزو ۾ ڪورونا اسڪريننگ شروع ڪرڻ تي مجبور ٿي ويا جتي اٽڪل 18 ڪروڙ آبادي آهي.

گذريل هفتي لاڪ ڊائون تي مظاهرا ۽ شهرين جون پوليس سان چڪريون به نظر آيون.

بيجنگ جي اختيارين شهرين کي هدايت ڪئي ته هو ڪورونا کان بچاءُ لاءِ غير ضروري سفر کان پاسو ڪن.

بيجنگ جا وڏا شاپنگ مالز بند ڪيا ويا، جڏهن ته ٻين مالز جو وقت مقرر ڪيو ويو، ريسٽورنٽس ۾ به ٽيبل سروس تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي.

چائئانگ ڊسٽرڪٽ واپاري ۽ سفارتي مرڪزن ۾ ڪيترين ئي آفيسن ڪمپنين کي چيو آهي ته هو ورڪرز کي گهران ڪم ڪرڻ جي اجازت ڏين.

ڪورونا سبب تازو ڪجهه پارڪس ۽ جم کي بند ڪيو ويو آهي.

بيجنگ ميونسپلٽي جي ترجمان سوهيجيان چيو آهي ته ڪورونا ڪيسن جي انگ ۾ واڌ نظر آئي آحي، شهر ۾ ڪورونا جي روڪٿام ۽ ڪنٽرول جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.