بيوٽي پارلر ۾ ڇوڪريءَ جو روپ اختيار ڪري ڪم ڪندڙ نوجوان پڪڙجي پيو

 

فيصل آباد (ويب ڊيسڪ) جڙانوالا ۾ هڪ بيوٽي پارلر ۾ ڇوڪريءَ جو روپ اختيار ڪري ڪم ڪندڙ نوجوان کي گرفتار ڪيو ويو.

پوليس ڳجهي اطلاع تي ڇاپو هنيو ته نوجوان بيوٽي پارلر ۾ ڇوڪريءَ جي روپ ۾ موجود هو، پوليس بيوٽي پارلر کي سيل ڪري ڇڏيو، جڏهن ته ان جي مالڪياڻي ۽ نوجوان خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو.

پوليس موجب جڙانوالا ڊاڪ خاني ڀرسان هڪ بيوٽي پارلر ۾ ڇوڪريءَ جي روپ ۾ نوجوان جي ڪم ڪرڻ جي اطلاع تي ڇاپو هنيو ويو ته اتي ارسلان نالي نوجوان ڇوڪري جا ڪپڙا پائي ڪم ۾ رڌل هو.

پوليس نوجوان کي گرفتار ڪري ورتو، جڏهن ته موقعي تي موجود نه هجڻ سبب بيوٽي پارلر جي مالڪياڻي گرفتار نه ٿي سگهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.