نواز شريف برطانوي هوم آفيس کان پنهنجي اپيل واپس وٺي ڇڏي

 

لنڊن (ويب ڊيسڪ) ن ليگ قائد نواز شريف برطانوي هوم آفيس کان پنهنجي اپيل واپس وٺي ڇڏي.

ذريعن موجب نواز شريف جي اپيل هوم آفيس ۾ ٻڌڻي هيٺ هئي، اڃا تائين جج اپيل نه ٻڌي هئي ۽ مختلف تاريخون ڏنيون پئي ويون.

برطانيا ڇڏڻ بنا ترسڻ ۾ واڌ جي درخواست هوم آفيس رد ڪري ڇڏي هئي ۽ نواز شريف فيصلي خلاف برطانوي هوم آفيس ۾ اپيل داخل ڪرائي هئي.

واضح رهي ته لنڊن ۾ موجود ن ليگ قائد نواز شريف کي ڪجهه ڏينهن اڳ سفارتي پاسپورٽ جاري ڪيو ويو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.