توشا خانا ريفرنس: عمران خان خلاف سيشن ڪورٽ ۾ ٽرائل شروع

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) توشا خانا ريفرنس ۾ تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان خلاف فوجداري ڪارروائي جو ريفرنس ٽرائل ڪورٽ کي وصول ٿي ويو، جنهن کانپوءِ اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ ڪورٽ ٽرائل شروع ڪري ڇڏيو آهي.

ايڊيشنل سيشن جج ظفر اقبال سڀاڻي ٻڌڻي ڪندو، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ڊسٽرڪٽ ڪورٽ عمران خان کي سڀاڻي لاءِ نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو آهي.

اليڪشن ڪميشن توشا خانا ريفرنس ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج کي موڪليو هو ۽ ڊسٽرڪٽ اليڪشن ڪمشنر شڪايت ۾ چيو هو ته ٽرائل ڪورٽ عمران خان تي ڪرپٽ پريڪٽس جو ٽرائل ڪري، عمران خان اثاثن جا ڪوڙا تفصيل جمع ڪرايا.

هن چيو ته سيڪشن 174 تحت ڪوڙا تفصيل جمع ڪرائڻ جي به سزا آهي، عدالت شڪايت منظور ڪري عمران خان کي سيڪشن 167 ۽ 173 تحت سزا ڏئي.

واضح رهي ته ڄاڻايل سيڪشنز تحت 3 سال جيل ۽ ڏنڊ جي سزا ٻڌائي سگهجي ٿي.

اليڪشن ڪميشن فيصلي ۾ عمران خان خلاف فوجداري ڪارروائي جو حڪم ڏنو هو ۽ توشا خانا ريفرنس اليڪشن ايڪٽ جي سيڪشن 137، 170، 167 تحت موڪليو ويو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.