انڊونيشيا ۾ خطرناڪ زلزلو، 50 کان وڌيڪ فوت، 700 زخمي

جڪارتا(ويب ڊيسڪ) انڊونيشيا جي ٻيٽ تي زلزلي سبب 50 کان وڌيڪ ماڻهو فوت ٿي ويا آهن جڏهن ته 700 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا آهن.

پرڏيهي خابرو اداري موجب انڊونيشيا ۾ زلزلي ۾ ڪيترين ئي ڄڻڻ کي ايمرجنسي ۾ اسپتال نيئو ويو جڏهن ته ڪجهه ماڻهن کي ٻاهر ئي امداد ڏني وئي. ريسڪيو عملدار سڄي رات ماڻهن کي ڍير مان ڪڍيو جڏهن ته ڪجهه ماڻهو اڃا ملبي ۾ ڦاٿل آهن.

پرڏيهي خابرو اداري موجب متاثرن پاران ٻڌايو ويو آهي ته زلزلو انڊونيشيا جي ٻيٽ جاوا ۾ سومر واري ڏينهن آيو.

واضح رهي انڊونيشيا ۾ زلزلا عام آهن جنهن سبب ان کي ”رنگ آف فائر“ ڪوٺيو ويندو آهي. هن ملڪ جي تاريخ ۾ تباهڪن زلزلا ۽ سوناميون آيون جنهن ۾ 2018 واري زلزلي ۾ 2000 ڄڻا فوت به ٿي چڪا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.