پروين رحمان قتل ڪيس ۾ جوابدارن جي آزادي، وارثن وڏو اعلان ڪري ڇڏيو

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اورنگي پائلٽ پراجيڪٽ جي مقتول ڊائريڪٽر پروين رحمان جي گهرڀاتين سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف سپريم ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.

پروين رحمان جي ڀيڻ عقيله اسماعيل خانگي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي چيو ته فيصلو سمجهه ۾ نه آيو، سڀ ڪجهه واضح هو، ٻنهي جي آءِ ٽيز جوابدارن کي ڏوهي قرار ڏنو ۽ اڄ سڀ ڪجهه ختم ڪيو ويو، سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ اسان کي نه ڪو موقعو ڏنو ويو ۽ نه ڪا ڳالهه ٻولهه ٿي.

سندس چوڻ هو ته جوابدارن طرفان اسان کي خطرو آهي، اورنگي پائلٽ پراجيڪٽ ۾ ڪم ڪندڙن کي به خطرو آهي، جوابدارن کي فوري طور ايم پي او تحت بند ڪيو وڃي.

هن مطالبو ڪيو ته سنڌ حڪومت فوري طور تي هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف اپيل ڪري، وفاقي حڪومت ڪيس کي ڏسي، اهڙن ڪيسن ۾ متاثرن کي انصاف ناهي ملندو، جوابدارن خلاف پڪيون شاهديون موجود آهن.

هوڏانهن پراسيڪيوٽر جنرل سنڌ فيض شاهه چيو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي جو جائزو وٺي رهيا آهيون، فيصلي خلاف اپيل داخل ڪئي ويندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.