بدين ۾ گرلز اسڪول جا چاپڙ ڪري پيا، شاگردياڻين ۾ خوف

بدين(ويب ڊيسڪ) سنڌ جي شهر بدين ۾ گورننمنٽ گرلز هاءِ اسڪول ۾ ڇت جا چاپڙ ڪري پيا، اسڪول انتظاميا جو چوڻ آهي ته بار بار چوڻ باوجود ڪارروائي نٿي ڪئي وڃي.

ڇت ڪرڻ وارو واقعو اسڪول جي وقت کانپوءِ پيش آيو،  جنهن سان ڪو به جاني نقصان ناهي ٿيو.

زبون حال گورنمنٽ گرلز سيڪنڊري اسڪول ۽ هاءِ اسڪول صديق ڪمهار محلو ڪنهن به وقت ڪري پوڻ جو خطرو آهي.

اسڪول جي شاگردياڻين جو چوڻ آهي ته هو خوف سبب پڙهي به نٿيون سگهن، اسڪول ساموهن ڪچري جو ڍير آهي، اسڪول جو نه ڪو در آهي ۽ نه بيت الخلا مٿان وري ڇت به ڪري پئي آهي.

بارشن سبب جتي ٻهراڙي جا اسڪول تباهه ٿيا آهن اتي شهري علائقن جا اسڪول به متاثر ٿيا آهن.

ڪينٽ روڊ تي موجود گورنمنٽ گرلز پرائمري ۽ هاءِ اسڪولن جي زبون حالي جوثبوت اهو آهي ته پاڻي، بجلي، فرنيچر ۽ مين گيٽ تائين فراهم ناهي.

زبون حال اسڪولن ۾ ٻار خوف وچان تعليم پرائڻ لاءِ ڏکيائين جو شڪار آهن، اسڪول جي اهڙي حالت لاءِ تعليم کاتو سڌو ذميوار آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.