ڦورن سان مهاڏو اٽڪائيندڙ بهادر شاگردياڻي لاءِ انعام

 

گوجرانوالا (ويب ڊيسڪ) گوجرانوالا ۾ ڦورن جو بهادريءَ سان مقابلو ڪندڙ شاگردياڻي بسما شاهد کي ٻه لک رپيا انعام طور ڏنا ويا آهن.

وائيس چيئرمين اسپورٽس بورڊ پنجاب نديم عباس شاگردياڻي بسما شاهد کي چيڪ ڏنو ۽ چيو ته بسما بهادري جو مظاهرو ڪري پورو گرفتار ڪرايا، سندس جرئت کي سلام پيش ڪيان ٿو.

هن چيو ته شاگردياڻي ثابت ڪيو ته ڇوڪريون بهادري ۾ ڪنهن کان گهٽ ناهن، ڏوهارين خلاف معاشري ۾ هر فرد کي ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي.

واضح رهي ته بسما ڇنڇر ڏينهن بهادري جو مظاهرو ڪندي هٿياربندن طرفان پرس کسڻ جي ڪوشش ناڪام بڻائي ۽ ڦورو گرفتار ڪرايا هئا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.