رونالڊو ورلڊ ڪپ شروع ٿيڻ کان اڳ ئي اهم رڪارڊ پنهنجي نالي ڪري ورتو

دوحا ( ويب ڊيسڪ ) پرتگال سان واسطو رکندڙ فٽبالر ڪرسٽيانو رونالڊو جو فيفا عالمي 2022ع ۾ سفر اڃا شروع ناهي ٿيو.

پر عالمي ايونٽ سان گڏ ئي هن ڪيئي رڪارڊ پنهنجي نالي ڪري ورتا آهن.

ڪرسٽيانو رونالڊو انسٽاگرام تي پنجاهه ڪروڙ فالوورز وارو پهريون واهپيدار بڻجي ويو آهي.

پرتگالي فٽبالر کانپوءِ ٻئي نمبر تي هڪ ٻئي فٽبالر ليونل ميسي موجود آهن جنهن کي 37 ڪروڙ 60 لک کان وڌيڪ ماڻهو فالو ڪري رهيا آهن.

 

View this post on Instagram

 

A post shared by Cristiano Ronaldo (@cristiano)

ڪرسٽيانو رونالڊو طرفان ليونل ميسي سان هڪ تصوير پڻ 19 نومبر تي انسٽاگرام تي پوسٽ ڪئي وئي جيڪا ڪجهه ڪلاڪن اندر ئي سوشل ميڊيا نيٽ ورڪ ٻي سڀ کان وڌيڪ لائيڪ ڪئي ويندڙ تصوير جو اعزاز حاصل ڪري ورتو

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.