آذان کان اسلام جي تبليغ تائين، قطر فيفا ورلڊ ڪپ ذريعي دنيا جي سوچ ئي بدلائي ڇڏي

فٽبال دنيا ۾ سڀ کان گهڻو پسند ڪئي ويندڙ راند آهي انڪري فٽبال جو ورلڊ ڪپ دنيا جو سڀ کان وڏو ايونٽ هوندو آهي، سال 2010ع ۾ اهو فيصلو ڪيو ويو هو ته سال 2022ع جي عالمي ڪپ جي ميزباني جو اعزاز اسلامي ملڪ قطر جي حوالي ڪيو ويندو.

فيفا جيڪو انٽرنيشنل فٽبال جو سمورو ڪاروهنوار هلائيندو آهي، ان جڏهن قطر کي ميزباني ڏيڻ جو فيصلو ڪيو هو ته ان کي ۽ دنيا کي اها اميد نه هئي ته هي ايونٽ دنيا جي سوچ ئي بدلائي ڇڏيندو.

فيفا عالمي ڪپ 2022ع ۾ اهم ڇا آهي.

پروگرام جو افتتاح معذور نوجوان کان ڪرائڻ

قطر عالمي ڪپ جو افتتاح غانم المفتاح نالي نوجوان تلاوت ڪلام پاڪ سان ڪيو جيڪو 5 مئي 2002ع ۾ قطر ۾ ڪرنگهي جي هڏي جي اهڙي بيماري سان گڏ پيدا ٿيو جنهن سبب سندس جسم جو هيٺيو حصو وڌي نه سگهيو.

غانم قاري هئڻ سان گڏوگڏ هڪ موٽيوشنل اسپيڪر، ڪاروباري شخصيت ۽ سماجي ڪارڪن پڻ آهي جيڪو سڄي دنيا جي معذورن کي مفت وهيل چيئر فراهم ڪرڻ لاءِ مشهور آهي.

سڀ کان وڌيڪ وڏو اسپانسر بيئر ٺاهڻ وارو پر ان جي وڪرو تي پابندي.

فيفا ورلڊ ڪپ جو مين اسپانسر بڊ وائسر نالي ڪمپني آهي جيڪا سموري ايونٽ ۾ 75 ملين آمريڪي ڊالرز ڪري رهي آهي پر ان سموري خرچ باوجود ان ڪمپني پنهنجو پروڊڪٽ عالمي ڪپ دوران وڪڻڻ جي اجازت قطر حڪومت طرفان ناهي ڏني وئي.

مسجدن جي نئين سر اڏاوت، سڌارا ۽ واڌارا

عالمي ڪپ جي اهم موقعي تي قطر انتظاميا ملڪ ۾ موجود سمورين مسجدن جي نئين سر اڏاوت، سڌارا ۽ واڌارا ڪيا آهن جيڪي سياحن جو ڌيان پاڻ ڏانهن ڇڪائي رهيون آهن.

قراني آيتن ۽ حديثن ذريعي اسلام جو پيغام پکيڙڻ

قطر سڄي ملڪ کي فٽبال ورلڊ ڪپ جون ميچون ڏسڻ  لاءِ ايندڙ شوقينن لاءِ ڏاڍي شاندار نموني سجايو آهي، هر هنڌ خوبصورتي سان لکيل قراني آيتون ۽ حديثون لڳايون ويون آهن جن جو ترجمو پڻ دنيا جي مختلف ٻولين ۾ موجود آهي ته جيئن ايندڙ ماڻهن کي اسلام جو تعارف ڪرايو وڃي.

نماز جا انتظام

فٽبال جي تاريخ ۾ اهو پهريون ڀيرو ٿيو آهي ته گرائونڊ ۾ نماز ۽ وضو لاءِ ڌار ڌار، انتظام ڪيا ويا آهن ته جيئن نماز جي وقت ماڻهو ميچ دوران به اتي نماز ادا ڪري سگهن.

ٻه هزار عالمن جون خدمتون

ڊاڪٽر ذاڪر نائيڪ سميت ٻه هزار عالمن جو خدمتون ان ورلڊ ڪپ لاءِ حاصل ڪيون ويون آهن جيڪي اسلام جي حوالي سان ايندڙ ماڻهن لاءِ ليڪچر جو بندبست ڪندا ۽ ماڻهن کي اسلام بابت آگاهي ڏيندا.

افتتاحي تقريب ۾ شرڪت ڪندڙ هر مهمان کي قطر حڪومت طرفان عود جي خوشبو ۽ خشڪ ميوي جو هڪ تحفو پيش ڪيو ويو جيڪو کين اسلام جي ميزباني جو پيغام پڻ ڏئي رهيو آهي.

عورتن جي مختصر لباس تي پابندي

قطر حڪومت عورتن جي مختصر لباس تي پڻ پابندي لڳائيندي چيو آهي ته عورتن جو مختصر لباس اسان جي معاشري خلاف آهي انڪري سمورين عورتن کي جيڪي ميچ ڏسڻ اينديون ان جو خيال رکڻو پوندو.

مختصر طور تي اهو چئي سگهجي ٿو ته قطر هن ورلڊ ڪپ ذريعي اسلام جو پيغام ۽ تبليغ جي نه رڳو سٺي ڪوشش ڪئي آهي پر جسم فروشي، هم جنس پرستي، فحاشي، شراب نوشي تي پابندي مڙهي هڪ مثال قائم ڪيو آهي.

ان حوالي سان قطر حڪوت جو اهو پڻ چوڻ آهي ته اسان جو سرڪار مذهب اسلام آهي ۽ رڳو 28 ڏينهن جي هن عالمي ڪپ لاءِ اسان پنهنجي سرڪاري مذهت اسلام خلاف ۽ پنهنجي تهذيت ۽ معاشري خلاف قدم نٿا کڻي سگهون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.