ڪاروباري هفتي جي پهرئين ڏينهن سون به مهانگو

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ اڄ به واڌ ٿي آهي.

سنڌ سونارا بازار ايسوسيئيشن موجب في تولي سون جي قيمت 400 رپيا وڌڻ کانپوءِ هڪ لک 58 هزار 500 رپيا ٿي وئي آهي، جڏهن ته 10 گرام سون 343 رپيا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ هڪ لک 35 هزار 888 رپين جو ٿي ويو آهي.

هوڏانهن عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو قدر 11 ڊالر گهٽجي 1740 ڊالر في اونس ٿي ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.