آمريڪي ڊالر جي اڏام جاري، اڄ وڌيڪ مهانگو

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ ڊالر جو قدر وڌڻ جو سلسلو جاري آهي ۽ اڄ به ڊالر ڏيڍ رپين کان وڌيڪ مهانگو ٿيو آهي.

اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان طرفان جاري ڪيل انگن اکرن موجب انٽر بئنڪ ۾ ڪاروبار جي پڄاڻي تي هڪ آمريڪي ڊالر جو قدر 49 پئسا وڌي 223 رپيا 66 پئسا ٿي ويو.

انٽر بئنڪ ۾ گذريل ڏينهن ڪاروبار جي پڄاڻي تي ڊالر جو قدر 223.17 رپيا هو.

هوڏانهن اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر هڪ رپيو 50 پئسا مهانگو ٿي 231 رپين جو ٿي ويو آهي، جمعي تي اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر 229 رپيا 50 پئسا تي بند ٿيو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.