فيفا ورلڊ ڪپ: قطر، روس کان گوءِ کڻي ويو

قطر ۾آچر کان شروع ٿيل فيفا ورلڊ ڪپ 2022ع جي شروعات ۾ ئي نئون رڪارڊ قائم ٿي ويو آهي.

فيفا موجب عالمي ڪپ ۾ هنيئر تائين اٽڪل 30 لک ٽڪيٽون وڪرو ٿي چڪيون آهن.

فيفا ترجمان موجب ٽڪيٽون وڪري کانپوءِ روس کي پوئتي ڇڏي ڏنو، 2018ع ۾ روس ۾ ٿيل عالمي ڪپ جي شروعات تائين 24 لک ٽڪيٽون وڪرو ٿيون هيون جڏهن ته قطر ۾ جاري ايونٽ جي شروعات تائين اٽڪل 30 لک ٽڪيٽون وڪرو ٿي چڪيون  آهن.

رپورٽن موجب قطر جي ميزباني ناڪاري مهم باوجود شوقينن جي دلچسپي ۾ واڌارو ٿيو آهي.

واضح رهي ته فيفا ورلڊ ڪپ ۾ 32 ملڪ حصو وٺي رهيا آهن، اهو تاريخ ۾ پهريون ڀيرو آهي جو وچ اوڀر ۾ فٽبال عالمي ڪپ ٿي رهيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.