” بشريٰ بي بي جي دوست فرح گوگي جيل وئي ته سڀ اڇا ڪارا ظاهر ٿيندا“

گوجرانوالا ( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم جي خاص مددگار عطا تارڙ چيو آهي ته فرح گوگي جي گرفتاري جي وارنٽ لاءِ گهرو وزير راڻا ثناءُ الله کي درخواست ڏئي ڇڏي آهي.

دهشتگردي ٽوڙ عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي عطا تارڙ چيوپ ته پنجاب جو سڀ کان وڏو ڌاڙيل جيڪڏهن انتقامي ڪارروائي ڪرڻ چاهي ٿو ته بسم الله.

ارشد شريف قتل ۽ عمران خان تي حملي جي حوالي سان ن ليگ جي قيادت الزام لڳائيندڙ تسنيم حيدر بابت سوال جي جواب عطا تارڙ چيو ته تسنيم حيدر کي ترجماني جو نوٽيفڪيشن ڪنهن ڏنو آهي.

سندس چوڻ هو ته اهو شخص چئي ٿو ته ارشد شريف جي قتل جي پلاننگ نواز شريف ڪئي، اها سموري پلاننگ پرويز الاهي ڪرائي آهي ڪير به چوي ته مان ارشد شريف جي قتل ۾ ملوث هئس، ڇا اهو مڃيو ويندو.

هن وڌيڪ چيو ته تسنيم حيدر جي اسد قيصر سميت ٻين پي ٽي آءِ اڳواڻن سان تصويرون آهن، ڇا تسنيم حيدر کي پي ٽي آءِ جو ترجمان سمجهيو وڃي؟ شڪل مان لڳي به ٿو، گهڙي چوري ڪيس ۾ ڌيان ڀٽڪائڻ لاءِ تسنيم حيدر جي ڪردار کي آندو ويو آهي.

عمران خان جي گهرواري بشريٰ بي بي جي دوست فرح گوگي بابت سوال تي ن ليگ اڳواڻ چيو ته جيڪا اسٽوري آئي آهي ته فرح گوگي دبئي ناهي وئي، مان ان ڳالهه کي رد ڪيان ٿو، فرح گوگي پنهنجي چاچي جي هيلي ڪاپٽر تي ڪيئي دفعا دبئي وڃي چڪي آهي.

هن چيو ته گهڙي چوري جي جاچ هلي رهي آهي اوهان کي حساب ڏيڻو پوندو، فرح گوگي جي گرفتاري وارنٽ لاءِ گهرو وزير کي درخواست ڏني آهي، فرح گوگي جيل وئي ته سڀ ڪجهه ٻوليندي، ڇا ڇا ورتو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.