عمران نيازي جي آرمي چيف جي مقرريءَ کي تماشو بڻائڻ واري ڪوشش ناڪام ٿي چڪي آهي: رانا ثناءُ الله

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته عمران خان جي اعلانيل تاريخ کان اڳ آرمي چيف جي مقرريءَ جو فيصلو ٿي چڪو هوندو.

خانگي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي راڻا ثناءَ الله چيو ته هي لانگ مارچ نه رينگ مارچ آهي جيڪو رڙهي رهيو آهي، راولپنڊي ۾ پي ٽي آءِ جي تاريخ جو سڀ کان ننڍو جلسو ٿيندو.

هن چيو ته آرمي چيف جي جڏهن به مقرري ٿي اهڙي قسم جون حالتون پهريان نه ٿيون جڏهن ته آرمي چيف جي مقرري تي عمران نيازي تماشو لڳائڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن ۾ هو ناڪام ٿيو، عمران خان جي اعلانيل تاريخ کان پهرين آرمي چيف جي مقرريءَ جو فيصلو ٿي چڪو هوندو.

گهرو وزير چيو ته عمران خان جي عمل کي ڀرپور طاقت سان رد ڪرڻ ضروري هو نه ته هر ٽئين سال کانپوءِ لانگ مارچ پيا ٿين ها.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.