اڳوڻي صدر پرويز مشرف تي حملي جي جوابدار کي آزاد ڪرڻ جو حڪم

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ اڳوڻي صدر جنرل رٽائرڊ پرويز مشرف تي حملي جي جوابدار راڻا نويد کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

اڳوڻي صدر پرويز مشرف تي حملي جي الزام هيٺ گرفتار جوابدار کي سزا پوري ٿيڻ باوجود آزاد نه ڪرڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي جسٽس سردار طارق مسعود جي سربراهي ۾ ٽي رڪني بئنچ ڪئي.

ٻڌڻي دوران درخواست گذار جي وڪيل حشمت حبيب چيو ته سندس اصيل راڻا نويد عمر قيد جي سزا پوري ڪري چڪو آهي، سزا مڪمل ٿيڻ باوجود کيس آزاد نه پيو ڪيو وڃي.

وڪيل چيو ته عمر قيد جو مدو 14 سال آهي، منهنجي اصيل کي جيل ۾ قيد ٿئي اٽڪل ويهه ورهيه ٿي چڪا آهن.

عدالت ٻنهي ڌرين جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ فيصلو ٻڌائيندي وفاق ۽ پنجاب سرڪار جون آزادي خلاف داخل اپيلون رد ڪندي اڳوڻي صدر تي حملي جي جوابدار کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو.

ياد رهي ته راڻا نويد کي 2005ع ۾ سپريم ڪورٽ عمر قيد جي سزا ٻڌائي هئي، راڻا نويد کي 31 هين ڊسمبر 2003ع تي پنڊيءَ پمپ حملي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو هو ۽ عدالت ڏوهه ثابت ٿين ٽي کيس عمر قيد جي سزا ٻڌائي هئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.