باڊهه کي تعلقي جو درجو ڏيو، سياسي سماجي ڪارڪنن ۽ شهرين جي ريلي

باڊهه (رپورٽ: نظام ڪولاچي) باڊھه کي تعلقي جو درجو ڏيارڻ لاءِ احتجاج جو سلسلو جاري آھي، باڊهه تعلقي موومينٽ پاران ڊپٽي ڪنوينرز زيب علي ساريو ۽ ڪامريڊ قادر بروهي جي اڳواڻي ۾ ٽائون ھال آڏو احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو. احتجاجي مظاهري ۾ شهر جي مختلف سياسي ۽ سماجي تنظيمن جي اڳواڻن، دودو ديشي، علي انور عسڪري، صاحب خان سومرو، نبي رضا بلوچ، مظهر نوشاد ڦلپوٽو، محمد هاشم مدني سومرو، محمد امين سيال، مور سنڌي، فرمان ڦلپوٽو، سوڍو خان، جلال فقير ساريو، پپن نوناري، علي زهري ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ان موقعي تي زيب علي ساريو ۽ ٻين مظاهري کي خطاب ڪندي چيو ته باڊهه شهر کي مقامي چونڊيل نمائندن هٿ وٺي کنڊرات ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي. هنن چيو ته هن جديد دور ۾ به باڊهه شهر موھن جي دڙي جو ڏيک ڏئي رهيو آهي، شهر کي باءِ پاس، صحت ۽ تعليم سميت بنيادي سهولتن کان محروم رکيو ويو آهي، ٿورن ٿورن مسئلن جي حل لاءِ باڊهه واسين کي ڳرا ڀاڙا ڀري ٻين شهرن جو رخ ڪرڻو پئي ٿو، جنهن سبب شهر واسين ۾ بيچيني ڦهليل آهي. باڊهه واسي هاڻي سمجهي چڪا آهن ته باڊهه شهر جي ترقي ۽ خوشحالي فقط باڊهه تعلقي سان لاڳاپيل آهي تنهنڪري في طور تي باڊهه کي تعلقي جو درجو ڏنو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رھندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.