سنڌ جا روڊ عوام لاءِ مقتل گاھه بڻيل آھن: سيف الله ابڙو

باڊھه (ت ر) سنڌ جا روڊ رستا عوام لاءِ مقتل گاھه بڻيل آھن سنڌ جي ترقياتي ڪمن لاءِ ايندڙ بجيٽ به حڪمران کائي وڃن ٿا، جن کان ڪير به پڇڻ وارو ناهي اهڙو اظھار پي ٽي آءِ سينيٽر سيف الله ابڙو باڊھه ۾ جي ڊي اي اڳواڻ باڊھه ٽائون ڪميٽي جي متوقع چيئرمين بدرالدين ساريو جي عيادت کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو آھي هن چيو آھي ته ملڪ تي چورن لٽيرن ڪرپشن ڪندڙن کي ٿافيو ويو آھي جن اچڻ شرط نيب ۽ ايف آءِ اي کي مڪمل ختم ڪري پنهنجا ڪيس ختم ڪرايا آھن جڏھن ته سنڌ تي 14 سالن کان قابض ٽولي سموري سنڌ جي بجيٽ ھڙپ ڪئي آھي، ايتري قدر جو سنڌ جي روڊن رستن جي بجيٽ به هڙپ ڪئي وئي آھي جنهن سبب روڊ رستا خراب هجڻ ڪري حادثا روز جو معمول بڻيل آھن سوين انسانن جون جانيون ضايع ٿي ڇڪيون آھن پر حڪمران صرف پنهنجا نوازي ڪري رهيا آھن هن چيو آھي ته برساتن کانپوءِ هزارين سنڌي روڊن رستن تي بي يارو مددگار ويٺل آھن جن جي ڪوبه  واهر ڪرڻ وارو ناهي ايتريقدر جو برسات متاثرن جو راشن ٽينٽ به پيپلا کائي وڃن ٿا جيڪا بيحسي لاچاري جي انتها آھي هن چيوته جيڪڏھن ملڪ ۾ صاف شفاف اليڪشن ڪرائي وئي ته سنڌ مان پ پ جو صفايو ٿي ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.