اوٻاوڙو لڳ مغوي آزاد نه ٿيا، ايم پي اي جي رهائشگاهه تي ڪٺ

اوٻاوڙو ( رپورٽ : عبدالحئي ڇڄڻ ) اوٻاوڙو لڳ ٻه ڏينهن اڳ ڪوٽ سبزل ٿاڻي جي حد پنجاب جي علائقي ماهي چوڪ مان ھٿيار بندن ھٿا اغوا ٿيل پٺاڻ برداري جي ٻن نوجوانن محمّد هاشم پٺاڻ ۽ راحيل پٺاڻ
بازياب نه ٿي سگھيا، اھڙي بدامني خلاف پ پ ايم پي اي ممتاز چانگ جي رهشگاهه تي سوين سياسي سماجي ۽ ڪاروباري ماڻهن جو ڪٺ ٿيو،  ان موقعي تي پ پ ايم پي اي ممتاز چانگ چيو ته ماھي چوڪ ۾ بدامني چوٽ چڙهي وئي هر روز هٿياربند ڌاڙيل ماڻهون اغوا ڪري کڻي وڃن ٿا رحيم يار خان جو ڪچو توڙي رانوتي جو ڪچو ڌاڙيلن جي محفوظ ھنڌ بڻيل آهي، جڏهن ڪچي کان ڌاڙيل پڪي تي آيا ته مون کي اطلاع مليو ته ڏوهاري ماهي چوڪ ۾ موجود آهن ته مون اهڙو اطلاع ايس ايس پي رحيم يار خان کي ڏنو مگر پوليس خاموشي اختيار ڪري ڇڏي ۽ ڌاڙيل ماهي چوڪ مان پٺاڻ برداري جي ٻن نوجوانن کي اغوا ڪري کڻي ويا ايس ايڇ او ڪوٽ سبزل ڏوهارين سان مليل آهي، پوليس ۽ ڏوهارين جو ڳٺ جوڙ آهي، پوليس ڏوهارين سان ملي ڪري هٿ سان ماڻهون اغوا ڪرائي ٿي ۽ جيڪا مغوين کان ڀنگ جي رقم ملي ٿي ان رقم مان  ڏوهاري پوليس کي حصو ڏين ٿا مون هميشه امن جي ڳالھه ڪئي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.