ڪنڌڪوٽ ۾ مغوي ٻن ڄڻن جي آزادي لاءِ پاڪ ڪتاب کڻي احتجاجي مظاهرو

ڪنڌڪوٽ ( رپورٽ: ممتازسنڌي) ڪنڌڪوٽ 5 ڏينھن اڳ اغوا ٿي ويل ڊيرا مراد جمالي واسين ٽرڪ ڊرائيور گل حسن بروھي ۽ شير محمد بروھي جي آزاديءَ لاءِ وارثن ڪريم داد بروھي، نيڪ محمد بروھي ھٿن ۾ پاڪ ڪتاب کڻي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاھرو ڪيو ان موقعي تي مغوين جي وارثن جو چوڻ ھو ته اسان جي نوجوانن کي ڏوھاري انڊس ھاءِ وي ڪرمپور ٿاڻي جي حد مان اغوا ڪري ويا آھن ضلعو ڪشمور اغوا انڊسٽري بڻجي ويو آھي مسافر پاڻ کي غير محفوظ سمجھن ٿس گذريل ڏينھن ڏوھارين مغوين جي تشدد واري ويڊيو وائرل ڪري ڀنگ طلب ڪيو آھي پوليس اسان سان ڪو به تعاون نه ٿي ڪري انھن سنڌ پوليس کان مطالبو ڪيو ته مغوين کي جلد بازياب ڪرايو وڃي ٻئي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.