جوهي جا رستا بحال نه ٿيڻ خلاف سول سوسائٽي پاران احتجاج

جوهي (ن ع آ) ٻوڏ کانپوءِ جوهي جا رستا بحال نه ٿيڻ، جوهي-دادو روڊ کي ويڪرو ڪرڻ ۽ کرر موري جي روڊ کي ڪٽ بند ڪرڻ لاءِ سول سوسائٽي پاران احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو. سول سوسائٽي پاران امام الدين پنهور، شاعر خليل عارف سومرو، غلام مصطفي عطاري، تنوير روستماڻي، ايوب لغاري، الهورايو سومرو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سياسي سماجي تنظيمن جي ڪارڪنن شهرين بلاول پارڪ کان هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو. ان موقعي تي مظاهرين چيو ته ٻوڏ کي چار مهينا پورا ٿيڻ وارا آهن پر هن مهل تائين جوهي کير موري روڊ کي لڳل چار ڪٽ بند ناهن ڪيا ويا جنهن ڪري رهواسي پريشان آهن. هنن چيو ته کير موري واري پاسي سوين ڳوٺن جا رهواسي ايمرجنسي ۾ شهر جي اسپتالن تائين نٿا پهچي سگهن، رستا بند هجڻ ڪري شهر اندر هٿرادو مهانگائي سبب متاثرين پريشان آهن. هنن چيو ته ضلعي انتظاميا توڙي چونڊيل نمائندن مڪمل طور لاتعلقي ڪري شهرين کي نڌڻڪو ڪري ڇڏيو آهي, هنن مطالبو ڪيو ته جوهي دادو روڊ کي ويڪرو ڪرڻ سميت جوهي کيرموري روڊ جا ڪٽ بند ڪري رستو بحال ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.