ڪي اين شاهه ۽ ميهڙ واسي ٻوڏ متاثرن جي واهر نه ٿي، عوامي تحريڪ پاران ريلي

ميھڙ (رپورٽ: فراز چنو):  ٻوڏ متاثرن جي بحالي ۽ ڌارين کي ملڪ نيڪالي ڏيارڻ، ميھڙ، ڪي اين شاھ ۽ ٻين علائقن مان ٻوڏ جي پاڻي جي نيڪالي لاءِ عوامي تحريڪ جي مرڪزي سڏ تي ميھڙ ۾ تعلقي اسپتال کان گھنٽا گھر چوڪ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، ريلي جي اڳواڻي لال جروار، نور احمد ڪاتيار، ايڊووڪيٽ ساجد مھيسر، ماھ نور ملاح، نجيب الرحمنٰ مھيسر، ذوالفقار چانڊيو، عبدالخالق ٻگھيو، منصور چانڊيو، ايڊووڪيٽ شبير احمد کوسو، ڪامريڊ حيدر ملاح، ھادي بخش کونھارو، سڌير احمد چانڊيو، ايڊووڪيٽ داد مگسي، رستم علي سرگاڻي، عبدالڪريم آزاد ۽ ٻين ڪئي، جلسي عام کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته سنڌ حڪومت سڄي سنڌ کي ھٿ وٺي ٻوڙايو آھي، ٻه ڪروڙ کان وڌيڪ ماڻھو دربدر آھن، جن جي سنڌ حڪومت ۽ وفاقي سرڪار ڪابه واھر ناھي ڪئي، ٻوڏ متاثرن جي نالي ۾ کربين روپين جي ڪرپشن ڪئي وئي آھي، اين ڊي ايم اي ۽ پي ڊي ايم اي کي سڄي دنيا مان فنڊ ۽ امدادي سامان مليو اھو ھڙپ ٿي ويو، اڄ به ٻوڏ متاثر کليل آسمان ھيٺ بي يارو مددگار ويٺل آھن، عوامي تحريڪ جي اڳواڻن مطالبو ڪيو ته سمورن علائقن مان فوري طور ٻوڏ جو پاڻي نيڪال ڪيو وڃي. فوت ٿيل في فرد جي خاندان کي ھڪ ھڪ ڪروڙ روپيا ۽ زخمي فرد کي 30، 30 لک روپيا ڏنا وڃن. بس ۾ سڙي فوت ٿيل ٻوڏ متاثرن جو ڪيس حڪومتي اھلڪارن تي داخل ڪيو وڃي، ھر ڊھي ويل گھر جو 50_50 لک روپيا معاوضو ڏنو وڃي. مري ويل مال ۽ تباهه ٿيل فصلن جو ھارين ۽ آبادگارن کي معاوضو ڏنو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.