جبري گمشدگين خلاف سنڌ سڀا جو ڪراچي ۾احتجاج

ڪراچي ( پ ر )  سنڌ سڀا پاران اڄ ڪراچي ۾منجھند جو 12 ھين وڳي کان 3 وڳي تائين ھفتيوار ھر آچر تي ٽي ڪلاڪ "علامتي بک ھڙتال ڪئي وئي،” کنڀي گم ڪيل سنڌي سياسي ڪارڪنن جي آزاديءَ  ۽ سياسي ڪارڪنن تي ڪوڙا ڪيس مڙھڻ خلاف احتجاج ڪيو ويو، ان موقعي تي سنڌي انعام جو چوڻ هو ته لڳاتار جدوجھد سان ئي سنڌ کي ھن "ڏاڍ ڏھڪاء ڦرلٽ رتوڇاڻ کنڀجڻ ڪوڙن ڪيسن ۽ والار” مان ڪڍي بچائي ۽ اڳتي وڌائي دنيا جي اوج سان مکاميل ڪري سگھجي ٿو،  75 سالن کان سنڌ جنھن جبر کي منھن ڏئي رھي آھي، ان ۾اسان جي ساڃاھه سياسي قيادتن جي نااھلي ۽ ڪاھلي بـ گھٽ ذميوار ناھي! ۽ سياسي قيادتن جي ان ڪردار ۾ سياسي ڪارڪنن جي شخصيت پرستي رجعت پرستي ۽ جھالت بـ شامل آھي. هن چيو ته اسان پنھنجي تاريخي وطن جا وارث آھيون ۽ جڏھن وارث مالڪ حقدار ۽ سچار پنھنجي  موڙي سڃاڻپ ۽ وطن لاء اٿندا آھن تـ ڪوڙ ڪپن ڏاڍ ڏھڪاءُ ختم ٿي ويندو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.