ڏهرڪي لڳ زمين مالڪي تان ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، 8 ڄڻا سخت زخمي

ڏھرڪي ( رپورٽ:  اجيت گودواڻي  ) ڏھرڪي ويجھو ڳوٺ دريا خان لغاري ۾ زمين جي مالڪي تان سميجا ۽ لغاري برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو ٿي پيو جهيڙي دوران لٺيون ۽ ڪھاڙيون لڳڻ جي نتيجي ۾ لغاري برادري سان تعلق رکندڙ عبدالحليم، عبدالشڪور، نصيراحمد، عبدالستار، محمد جاويد ۽ وزير احمد لغاري جڏهن ته سميجا برادري جا عبدالستار ۽ اربيلو سميجو سميت 8 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا جن کي  زخمي حالت ۾ کيس ڏھرڪي جي سرڪاري اسپتال داخل ڪيو ويو، ان موقعي تي لغاري برادري جي عبدالحليم لغاري ۽ ٻين ٻڌايو ته اسان جي ديهه سانڪو ۾ 8 ايڪڙ قبولي زرعي زمين پيل آهي، جنهن تي حبيب الله سميجو وارا زبردستي قبضو ڪرڻ چاهن ٿا جنهن بعد انهن زمين تي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته کيس روڪڻ تي انهن مڇرجي اسان مٿان حملو ڪيو ڪهاڙين جا وار ڪري مون سميت اسان جي 6 کان مٿي ماڻهو کي زخمي ڪيو آهي، هن چيو ته حملو ڪندڙن کي بااثرن جي پٺڀرائي هئڻ ڪري پوليس انهن خلاف ڪاروائي ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي،  جوابدارن خلاف ڪاروائي اسان کي تحفظ ۽ انصاف فراهم ڪيو وڃي، هوڏانهن ڏهرڪي پوليس واقعي جي ابتدائي رپورٽ درج ڪري جاچ شروع ڪري ڏني آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.