برسات سبب موهن دڙي جي آثارن کي نقصان، ڪم شروع نه ٿيو

موهن جو دڙو (ن ع آ) برساتن بعد سنڌ جي قديم ماڳ کي پهتل شديد نقصان جو يونيسڪو طرفان نوٽيس  وٺي جائزي لاء ماهر موهن جو دڙو موڪلڻ باوجود هنگامي  بنيادن تي ماڳ کي بچائڻ جو ڪم شروع نہ ٿيو. برسات سبب ماڳ جي اسٽوپا، گريٽ باٿ سميت تهذيبي آثارن کي  100 سيڪڙو نقصان ٿيو 20 کان وڌيڪ قديم ڀتيون ڊهي پٽ پئجي ويون  آهن. ان ڏس ۾ يونيسڪو طرفان فرانسيسي ماهر چيري زافرا ماڳ جو جائزو وٺي آرڪيالاجي ماهرن کي هنگامي بنيادن  تي  ماڳ بچائڻ لاءِ اهم تجويزون  ڏنيو هيون. بعد ۾ يونيسڪو ماهرن  هتان جي عملدارن کي وڊيو لنڪ تي به آثار بچائڻ جا نون طريقن کان آگاهه ڪيو پر ان جي باوجود  برسات بند ٿيڻ کي 2 مهينن کان مٿي عرصو گذري وڃڻ تي سنڌ حڪومت هنگامي بنيادن تي فنڊ جاري ڪري موهن جو دڙو بچائڻ جو ڪم شروع نہ ڪيو ويو آهي. جنهن ڪري سياري ۾ امڪاني برساتون پوڻ سبب ماڳ کي وڌيڪ نقصان ٿي سگهي ٿو. هوڏانهن يونيسڪو طرفان  موهن جو دڙو  تي هنگامي طور ڪنزرويشن جو ڪم شروع ڪرڻ لاء ڏيڊ ڪروڙ رپيا جاري ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو. ماڳ لاء مخصوص ٿيل نيشنل فنڊ فار موهن جودڙو جي اڪائونٽ ۾ 20 ڪروڙن کان وڌيڪ رقم موجود آهي جنهن جو ساليانو نفعو ڏيڊ ڪروڙ ٻڌايو وڃي ٿو.جڏهن ته سنڌ حڪومت طرفان موهن جو دڙو بچائڻ لاء  3 ڪروڙن جو ٺيڪو به ڏنو ويو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.