بدين ۾ ڪارروائيون، 13 جوابدار گرفتار، هٿيار ۽ منشيات هٿ

بدين (رپورٽ: رازق ڏنو کوسو)ايس ايس پي بدين شاھنواز چاچڙ جي ھدايت تي ايس ايڇ او ماتلي مير محمد گاڏھي آپرين ڪندي جوابدارن شمشاد راجپوت ۽ جاويد راجپوت ۽ عارف رانگڙ کي گرفتار ڪري 8 ڪلو گرام چرس برآمد ڪري ورتو ٽندو غلام علي آيس ايچ او قاسم پنھور ٽن جوابدارن نظير شاھ امام بخش رند ۽ راجو اختر کي گرفتار ڪري سندن قبضي مان ھڪ رائفل ھڪبگ پسٽل ھڪ بندوق ۽رائونڊ برآمد ڪري ورتا آيس ايچ او شھيد فاضل راھو اصغر عالم ھاليپوٽو مختلف ڪارواين م ارشد جتوئي عمران راھمون کي 3732 گھٽڪا منشيات سميت گرفتار ڪري ورتو ايس ايڇ او تلھار محمود خان گھٽڪا فروش مير قيوم کي 350 گھٽڪن سميت گرفتار ڪري ورتو آيس ايچ او ڪڙيو گھنور عاشق علي لنڊ جوابدارن احمد خان ء نور محمد جت کي گرفتار ڪري 400 گھٽڪا برآمد ڪري ورتا آيس ايچ او پنگريو غلام قادر سرڪي گھٽڪا فروش امجد گاڏيواڻ کي 380 گھٽڪن سميت گرفتار ڪري ورتو ايس ايڇ او ڏيئي محمد خان ڪلوئي روپوش جوابدار يوسف رستماڻي کي گرفتار ڪري ورتو آيس ايچ او کورواھ عارف جروار جوابدار اسحاق ڪڇي کي 500 گھٽڪن سميت گرفتار ڪري ورتو سمورن گرفتار ٿيل جوابدارن جي خلاف ڪيس داخل ڪيا ويا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.