خيرپور ويجهو ڪوچ ڪلٽي، 20 مسافر سخت زخمي

خيرپور(ڊ ر ) خيرپور ويجهو قومي شاهراهه تي ڪراچي کان پنجاب ويندڙ تيز رفتار مسافر ڪوچ ٽرڪ کان اورٽيڪنگ ڪندي  ڊرائيور جي ڪنٽرول مان نڪري وڃڻ ڪري ڪوچ ڪلٽيون کائي روڊ کان هيٺ کاهي ۾ ڪري پئي، حادثي جي نتيجي ۾ ڪوچ ۾ سوار پنجاب واسي محمد احمد ، اسلم ، گلشير ، اختيار سميت ويهھ مسافر زخمي ٿي پيا ، ڪوچ ڪلٽي ٿيڻ بعد ڊرائيور فرار ٿي ويو، موٽروي پوليس ۽ علائقي واسين پهچي ڪوچ ۾ ڦاٿل مسافرن کي زخمي حالت ۾ کڻائي سول اسپتال خيرپور پهچايو، هوڏانهن موٽروي پوليس جو چوڻ آهي ته مسافر ڪوچ ڊرائيور جي غلط ڪراسنگ ڪرڻ جي ڪري حادثو پيش آيو جنهن ۾ مسافر زخمي ٿيا آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.