قمبر شهدادڪوٽ ۾ ڪارروائيون، روپوش 7 جوابدار گرفتار

قمبر (ت ر)قمبر ۾ ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ ڪيپٽن (ر) صدام حسين جي هدايتن تي  روپوشن خلاف ڪريڪ ڊائون جاري آهي، ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جي مختلف ٿاڻن جي پوليس قتل، چوري ۽ مقابلن جي ڏوهن ۾ روپوش ستن ڏوهارين کي گرفتار ڪري ورتو آهي، جن ۾ سلمان چانڊيو، غلام عباس چانڊيو، غلام سرور پنهور، نديم مسڻ، نوردين عرف نورو بروهي، ممتاز مغيري ۽ ابراهيم چانڊيو شامل آهن. ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ  ڪيپٽن (ر) صدام حسين  چيو ته روپوش ڏوهارين خلاف قمبر شھدادڪوٽ پوليس جون ڪارروائيون جاري آهن. پوليس جون اهڙيون ڪارروايون روزاني جي بنياد تي بلاتفريق جاري رهنديون سماج دشمنن جو خاتمو اولين ترجيح آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.