پورٽ قاسم ريفرنڊم چهچٽو

جميلچانڊيو

ملڪ جي وڏي بندرگاه جتي عالمي سطح تي وڻج واپار جو ذريعو پورٽ قاسم بندرگاهه آهي ان بندرگاهه ذريعي واپار جي سامونڊي رستي سڄي دنيا سان ڳانڊاپو آهي، ان بندرگاهه کي وفاقي حڪومت جي وزارت پورٽ اينڊ شمپنگ جي زيرنگراني هلائي رهيا آهن، هن بندرگاهه تي جتي دنيا جي هر شيءِ اچي ٿي اتي ملڪ کي گهربل پيٽرول ۽ ڊيزل به هن بندرگاهه ذريعي ملڪ جي ضرورتن کي پورو ڪيو وڃي ٿو جڏهن ته پاڪستان مان ٻاهرين ملڪن کي انيڪ پيداواري  شيون موڪليو وڃن ٿيون، اهڙي آمد ۽ درآمد مان ملڪ کي معاشي طور تي هٿي ملي ٿي.

پورٽ قاسم اٿارٽي جو وجود اڳوڻي وزير اعظم شهيد ذوالفقار ڀٽو هٿان 29 جون 1973 تي رکيو ويو هي بندرگاهه مواصلاتي بن قاسم ضلعي ملير ۾ ان ڪري قائم ڪيو ويو ته آساني سان اندروني ملڪ وڻج واپار جو ڳانڍاپو ٿي سگهي هي ملڪ جو واحد ادارو آهي جيڪو ملڪ کي مضبوط معشيت کي هٿي ڏيڻ سان گڏ منافعي بخش رهيو آهي، پورٽ قاسم اٿارٽي ۾ آفيسر لڏي سان گڏ پورهيتن جو انگ به شامل آهي،هن اداري ۾ پهريون دفعو پورهيتن کي پنهنجي يونين چونڊڻ جو حق ڏنو  ويو جيڪو 1976 کان 1984 تائين ليبر يونين رجسٽرڊ ٿي جنهن کي هن وقت پيپلز ليبر يونين پورٽ قاسم جي نالي سان پڻ سڃاتو وڃي ٿو، پورٽ قاسم اٿارٽي ۾ پورهيتن جي ريفرنڊم جوائنٽ ليبر ڊائريڪٽر سنڌ ليبر ڊپارٽمنٽ جي زيرنگراني چونڊون ڪرايون وينديون آهن،

تازو ڄاڻايل جوائنٽ ليبر ڊائريڪٽر حڪومت سنڌ پاران پورٽ قاسم اٿارٽي ۾ 22 نومبر 2022 تي ريفرنڊم ٿي رهيو آهي هن ريفرنڊم ۾پورٽ قاسم اٿارٽي جا پورهيت لڏو جنهن ۾ 17 گريڊ کان هيٺ ملازم پنهنجي ووٽ ذريعي ايندڙ بن سالن لاءِ سي بي اي يونين جي چونڊ ڪندا اٿارٽي ۾ هيٺين گريڊ ملازمن جو انگ 1117 آهي جيڪي پنهنجي ووٽ ذريعي سي بي اي جي چونڊ ڪندا جيڪا چونڊجي 1117 ملازمن جي قانوني مرعاتن سان گڏوگڏ پروموشن پاليسي، سن ڪوٽا، طبي سهولتون سميت مختلف قانوني چاره جوئي ۾ انتظاميا پورٽ قاسم کان بارگينگ ڪري فائده وٺي ڏيندا جنهن سان گڏوگڏ ملازمت جي تحفظ کي يقيني بنائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا،

22 نومبر تي ٿيندڙ ريفرنڊم ۾ هونءِ ته 6 رجسٽر يونينون حصو وٺي رهيو آهن جنهن ۾ پپيلز يونين ليبر پورٽ قاسم، يونائيٽڊ ورڪر فرنٽ، متحده ورڪ فرنٽ،ورڪر ليگ، پيپلز يونيٽي ۽ انصاف ليبر يونين حصو وٺي رهيون آهن پر ريفرنڊم جا ڏينهن ويجها ايندئي ڪجهه يونين ملازمن جي اڪثريت رکندڙ يا حمايت رکندڙ يونين جي حق ۾ دستبردار ٿي وينديون پورٽ قاسم اٿارٽي ۾ اصل مقابلو پاڪستان پيپلز پارٽي جي پيپلز ليبر يونين ۽ يونائيٽڊ ورڪر فرنٽ وچ آهي هن سڄي وايو منڊل ۾ سنڌي ۽ بلوچ ملازمن جو انگ جن کي ووٽ جو حق حاصل آهي تن ۾ فقط 300 آهي، ماضي ۾ سنڌي بلوچ جي ترجمان پيپلز يونين ليبر پورٽ تي برسر اقتدار رهي آهي پر انهن جي ٻڌي ۽ ايڪي کي هميشا نشاني تي رکيو ويو آهي 22 نومبر تي ٿيندڙ ريفرنڊم جي تاريخ مقرر ٿيڻ واري ڏينهن کان پورٽ قاسم جي پورهيت اڳواڻن ۾ تمام وڏي ليول جي ڀڃ ڊاهه يا تبديلي نظر آئي آهي.

ان سموري عمل ۾ پورٽ جي ووٽرن مطابق ته اهو سڄو ڪمال يونين پٺيان سندن ليبر ڊيزن کان وٺي ليبر بيورو ۾ويٺل اڳواڻ آهن،پورٽ قاسم اٿارٽي ملڪ جي سياسي ۽معاشي طور تي انتهائي اهميت جو حامل آهي ان اداري جي سي بي اي ڪنهن حد تائين پنهنجو قانوني ۽ سياسي اثر رسوخ رکن ٿا پورٽ  قاسم جي 1117 ووٽرن کي ريفرنڊم واري ڏينهن اهو فيصلو ڪرڻ گهرجي ته جن ماضي ۾ روزگار جي تحفظ سان گڏوگڏ انهن کي ليبر لاءِ مطابق پنهنجا حق ڏياريا انهن يونين ۾ ويٺل باڪردار شخصيتن جا هٿ مضبوط ڪرڻ کپن ته ايندڙ وقت جيڪو ملڪ جي معاشي ڪشمڪش ۾ ڦاٿل آهي تنهن کي پنهنجي قابليت ذريعي ڪاميابي طرف هم ڪنار ڪن ۽ پورٽ قاسم جي پورهيتن جي خوشحالي ۽ ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.