علي نواز ٻٽ؛ هڪ شفيق پيءُ ۽ قومي سياستدان

ثريا ٻٽ

بابا سائين تي لکڻ لاءِ لکان ته ڪتابن جا ڪتاب لکي وڃان ۽ قلم ۾ مس جو ذرو  نه ڇڏيان، باباسائين علي نواز ٻٽ جي باري ۾ ڏاڏي ٻڌائيندي هئي ته سڄي خاندان ۾ باباسائين پهريون ٻار هو بابا کان اڳ ڪوبه ٻار نه هيو انڪري سڄي خاندان جا لاڏلا هئا . باباسائين جڏهن وڏا ٿيا ته نه صرف تعليم حاصل ڪئي پر ان سان گڏوگڏ ڏاڏاسائين سان ڪم ڪار (ٻنين جو) پڻ ڪنداهئا. پرائمري تعليم پنهنجي ئي ڳوٺ (ٻٽ سرائي) مان حاصل ڪيائون مئٽرڪ ميهڙ مان ۽ پوءِ وڌيڪ تعليم لاءِ سندن کي لاڙڪاڻو موڪليو ويو جيئن ته بابا لاڏلو هيو ان ڪري گهڻو جذباتي هو . پر خاندان جي تربيت ۽ سياست ۾ اچڻ جي ڪري سائين جي ايم سيد جي صحبت جو بابا سائين تي ايترو اثر ٿيو جو پوءِ بلڪل ٿڌي ۽ نرم طبيعت جا مالڪ ٿي ويا. لاڙڪاڻي شهر ۾ بابا سائين جو سياسي سفر شروع ٿيو 1972ع ۾ اسٽوڊنٽس يونين جا صدر ٿيا. 1975غ ۾ ڪراچي ۾ نوڪري مليس ته دوستن سان گڏجي سائين جي.ايم.سيد سان پهريون ڀيرو ملاقات ڪيائون .بابا لاڙڪاڻي کان پاڻ کي جيئ سنڌ جو سڏائيندو هيو امڙ ۽ ڏاڏي ٻڌايو هيو ته لاڙڪاڻي ۾ مٿس غير سنڌي شاگردن حملو ڪيو هيو ۽ بابا ڇرو لڳڻ ڪري زخمي ٿي پيا هئا. اها خبر بڌي ڏاڏا سائين لاڙڪاڻي ويو هو.

ڪراچي ۾ اچڻ کان پوءِ پنهنجو پاڻ کي جيئي سنڌ سان باضابطه وابسته ڪيائون . اسان جيڪو باباکي ڏٺو ته سائين جي.ايم سيد جي تحريڪ ۾ رهندي بابا سائين ۾ سنڌ جي قومي تحريڪ سان گڏانسان ذات جي خدمت ڪرڻ جو جذبو نمايان رهيو. پاڻ جڏهن سروس ۾ هيا ته اسان ڏسندا هيا سين ته بابا جا جيڪي مهمان ايندا هيا انهن ۾ هر زبان ڳالهائيندڙ ماڻهو هونداهئا .جنهن ۾ سنڌين جي گهڻائي هوندي هئي پر اردو ، پشتون ، بلوچ ، پنجابي ۽ هزاري وال ڳالهائڻ وارا شامل هوندا هئا. باباسائين انهن جا مسئلا ٻڌي ۽ سندن مدد ڪنداهئا.

بابا سائين ٻهراڙين ۾  شعور پيدا ڪرڻ لاءِگهڻو وينداهئا. اڄ تائين ڪراچي جي ٻهراڙي جاڪئي ماڻهو باباسائين وٽ ايندا آهن ۽ بابا سائين انهن جي غمي خوشي ۾ ويندا آهن. اهڙن ڪيترن ئي دوستن وٽ باباسائين اسان کي به وٺي وينداآهن اسين جڏهن ننڍا هئاسين ته باباسائين سکر ۾ جهنڊو سڙڻ ڪري 1989ع ۾ سائين جي ايم سيد سان گڏ ڪوڙي ڪيس ۾ جيل ويا ته اسان گهڻو روئيندا هياسين انهن ڏينهن ۾ اسان جو مرحوم چاچا نادر علي جنهن کي اسان بابو بادشاهه چوندا هياسين ان جي به ڪراچي مان بدلي ٿي وئي ۽ چاچا غلام قادر تڏهن پڙهندو هو پولي ٽيڪنيڪل انسٽيٽيوٽ ۾ پوءِ ڏاڏاسائين جي صلاح سان بابو بادشاهه اسان کي ڳوٺ ڇڏي آيو ۽ بابا جي آزاد ٿيڻ تائين اسان ڳوٺ ۾رهياسين باباجي جيل وڃڻ جي ڪري اسان جي امڙ اسان کان لڪي لڪي روئيندي هئي اسان ڪڏهن ڪڏهن ڏسي وٺنداهئاسين پر اسان جو ڀاءُ محمدلائق تمام گهڻو روئيندوهيو. اسان جي ڏاڏي 14مهينا ننڊ نه ڪئي ۽ ڏينهن رات بابا سائين جي آزادي لاءِ دعائون گهرندي رهندي هئي.

باباسائين آزاد ٿيو ته ماڻهن جو هجوم ساڻس ملڻ لاءِ آيو چاچا روشن ڪلهوڙو ، چاچاآزاد قاضي ، چاچا حاجي يعقوب کوسو چاچا محمد هاشم کوسو ، چاچا عبدالخالق جوڻيجو ، چاچا امر جوڻيجو ۽ ٻيا ڪجهه دوست اسان جي گهر آيا. اسان جي امڙ ڏاڏي ۽ ڏاڏا سائين مهمان نوازي ۾ ڪاڪمي نه ڇڏي. بابا سائين سان گڏ چاچو قيوم منگي ۽ چاچا رجب خاصخيلي آزاد ٿيڻ کان پوءِ بابا سائين سان گڏ اسان جي ڳوٺ آيا هيا. اسان جي گهر به آيا هئا سچ پچ ته انهن ڏينهن ۾ بابا جي ايترن دوستن کي ڏسي اسان جا سڀ ڏک دور ٿي ويا ۽ اسان کي گهڻي خوشي ٿي. ان کان پوءِ بابا اسان کي جلد ئي ڪراچي واپس وٺي آيا. باباسائين سياست جي ڪري گهڻو ٻاهر رهنداهئا پر پوءِ به پنهنجي خاندان کي پوئتي نه ڇڏيائون پاڻ سان گڏوگڏ اڳتي آڻيندا رهيا بابا سائين نه صرف پنهنجي ڀائرن ، ڀينرن پر خاندان جي هر فرد کي تعليم ڏيارڻ جي جستجو ڪئي اڄ اهي سڀ سٺين پوسٽن تي آهن.

بابا سائين اسان سڀني ڀاءُ ڀيڻن کي اعليٰ تعليم ڏياري ۽ هر اها خواهش جيڪا اسان ظاهر به نه ڪنداهياسين اهي به پوريون ڪيون آهن باباسائين اسان کي اهڙي ماحُول ۾تعليم ڏياري جتي ڇوڪرين جو پڙهڻ لازم نه سمجهيوويندو هو عزيزن باباکي منع ڪئي ته ڇوڪريون نه پڙهاءِ پر باباسائين اسان کي تعليم ڏياري انهيءَ ڪري رشتا به ٽٽي ويا باباسائين اسان جي وڏي ڀيڻ کي Ph.Dڪرائي ۽اسان جي به تعليم اڃان هلندڙ آهي. باباجي خواهش آهي ته اسان به Ph.Dڪريون ائين ئي سڄي خاندان جي نياڻين کي تعلمي ڏيارڻ جو جذبو پيداڪيو ۽ اڄ سڀن جون نياڻيون تعليمي يافته آهن .

اسان جو باباامن پسند قوم دوست ۽ انسانيت دوست آهي. باباسائين جو مزدورن لاءِ وڏيون خدمتون آهن سڄي سنڌ ۾ مختلف ادارن ڪارخانن جي مزدورن ۾ سجاڳي پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪيائون. باباسائينءَ هڪڙو مهمان خانو ٺاهي رکيو هيو جيڪي به سنڌ جي ٻهراڙي کان نوڪري جي تلاش ۾ ايندا هئا اهي ان ۾ رهندا هئا. جن جي خدمت اسان جي مرحوم امڙ ۽ مرحوم بابو بادشاهه ۽ سندن گهرواري امان ننڍي مانيون پچائي خدمتون ڪندارهيا.ڪي 2،3مهينا ته ڪي وري 2،2 سال رهيا ۽ جڏهن نوڪرين سان لڳا ته  پوءِ پنهنجا مسواڙ تي گهر وٺي وڃي رهيا. باباسائين هڪ شفيق پيءُ هڪ سٺو دوست ۽ عوام جو درد رکندڙ انسان آهن. بابا جو رويو اسان (اولاد ) سان نهايت ئي محبت شفقت ڀريو آهي. اڄ باباسائين کي 73سال پورا ٿيا۽ 74 سال شروع ٿيو. هر سال اسان بابا سائين جي سالگرهه ملهائيندا آهيون پر گذريل سال کان بابا روڪي ڇڏيو ته سالگرهه نه منائيندا آهيون. گذريل سال بابا روڪي ڇڏيو ته سالگرهه نه ملهائينداسين ڇو جو گذريل سال 21نومبر تي باباسائين جي عزيز دوست چاچا اقبال جوکيو وفات ڪري ويا ۽ هن سال بابا جا به انمول پياراساٿي اسان جي امڙ غلام سڪينه ۽ بابو بادشاهه (نادرعلي) هي فاني دنيا ڇڏي ويا! . جنهن جو بابا تي وڏو اثر پيو.

اثر ته اسان سڀني تي پيو پر باباسائين پاڻ کي اڪيلو ٿو سمجهي ۽ سندس طبيعت ناساز ٿي رهي پوءِ به پنهنجي تنظيم جي خاص ميٽنگن ۾ ضرور ويندوآهي. بابا کي چاچا اقبال جوکيو جي وفات جو به گهڻو صدمو پهتو ڇو ته هو ڏک سک جو ساٿي هيو. ڪراچي ۾ سندس جماعت جا شروعاتي دوست چاچا عبدالخالق ، چاچا محمد هاشم کوسو هيا پراهي الڳ ٿي ويس ته سندن اچڻ به گهٽجي ويو. سندس دوست چاچا در محمد عالماڻي عبدالمالڪ مهر وفات ڪري ويا.  سنڌي پورهيت سنگت ۾ چاچا روشن ڪلهوڙو جيتوڻيڪ ٻي جماعت ۾ هليو ويو پر اڄ تائين پنهنجو رستو قائم رکيو اچي ، چاچا ولي محمد سهرياڻي اڃاتائين ساڻس تنظيم ۾ گڏآهي ۽ گهرورستو آهي. ڪراچي ۾ چاچا بهاول الدين پيرزادو، چاچا اصغر شاهه، چاچا مقبول راڄپر ، چاچا انور نوناري ، چاچا غلام نبي ڏاهري چاچا عبدالحميد شيخ، چاچا نظير ڪنڀر ، چاچا حاڪم ، چاچا ضمير سومرو ۽ ڪجهه ٻيا جن جا نالا ياد نه ٿا پون اڃان تائين تنظيم ۾ گڏ آهن.باباسائين جو گهڻو وقت ڪتاب پڙهڻ ۽ لکڻ ۾ گذري ٿو. اسان کي ڪتابن جي ضرورت پوندي آهي ته ڪافي ڪتاب بابا وٽان ملي ويندا آهن منهنجي دعا آهي ته بابا کي خداوڏي ڄمار ڏي ۽ ته اسان جي رهنمائي ڪندا رهن.

 (ليکڪا علي نواز ٻٽ جي نياڻي آهي)

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.