روڊ حادثن جو آخر ذميوار ڪير آهي؟

امتياز چانڊيو

ڪجهه مهينن اندر سنڌ جي روڊن تي اهڙا حادثا پيش آيا آهن، جن ويڙها ئي ويران ڪري ڇڏيا آهن، خاندانن جا خاندانن موت جي منهن ۾ هليا ويا آهن، هيانءُ ڏاريندڙ انهن حادثن ۾ فوت ٿيل قيمتي، بيگناهه انساني جانين جو نه ڪو داد نه فرياد ٿيو آهي، “جيئن خدا جي مرضي” وارو جملو چئي خاموشي اختيار ڪئي وڃي ٿي، اسين هڪ مسلمان هوندي جيئن خدا جي مرضي واري جملي کي دل سان قبول ڪريون ٿا، پر ڪنهن جي ڪوتاهيءَ سبب جيڪڏهن ڪو موت ٿئي ٿو ته ان ڪوتاهي ڪندڙ کي سزا ملڻ جا به اسين خواهشمند آهيون، سيوهڻ واري روڊ حادثي ۽ نوري آباد واري روڊ حادثي ماڻهن کي ايترو ته خوف ڏياريو آهي جو سچ ڳالهه اها آهي ته هاڻي ته گاڏين ۾ چڙهي سفر ڪرڻ کان به خوف ٿو وٺي، ڪيترائي مسافر ته گاڏين ۾ سوار ٿيڻ کان اڳ ڄڻ موت ۽ زندگي جي ٻه واٽي تي پنهنجو پاڻ کي ويندي محسوس ڪري ڪلما پڙهي گاڏين ۾ سوار ٿين ٿا.

هن ترقي يافته دور ۾ دنيا اندر ماڻهو سوارين جا نت نوان طريقا اختيار ڪري سفر کي انجوائي ڪندا رهندا آهن، پر هتي اسان وٽ اها بدنصيبي چئجي ته مسافر جهاز واري سفر کي به محفوظ نٿا سمجهن، روز جي بنياد تي وڌندڙ ڪرپشن هر شعبي جيان ٽرانسپورٽ واري شعبي کي به تباهه ڪري ڇڏيو آهي، هتي جا روڊ راڪاس بڻيل آهن، جن کي حڪومت سڌارڻ لاءِ ڪنهن به صورت ۾ تيار ناهي، صورتحال ان حد تائين خراب آهي جو ڄامشورو کان سيوهڻ تائين واري روڊ تي “خوني” وارو نالو پيل آهي ۽ اهو روڊ واقعي ئي خوني روڊ بڻيل آهي، جيڪو هر ٻئي ڏينهن تي انسانن جو رت گهري ٿو، ڪيترائي مسافر سفر دوران هن خوني روڊ تي موت جي منهن ۾ وڃي پنهنجن پيارن کان وڇڙي وڃن ٿا، لاڳاپيل اختياريون ان روڊ کي محفوظ بنائڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام ٿي ويون آهن، حڪمرانن جو مسافرن ڏانهن اهڙو رويو انتهائي افسوسناڪ آهي.

سنڌ ۾ جڏهن 2 مهينن تائين لڳاتار برسات پئي ۽ ان جي نتيجي ۾ ٻوڏ آئي ته ان ٻوڏ سنڌ جو نقشو ئي ڦٽائي ڇڏيو، لکين ماڻهو بي گهر ٿي پناهه لاءِ ڀٽڪندا رهيا، ميهڙ کان وٺي دادو تائين روڊ پاڻي ۾ ٻڏي ويو، منڇر ڍنڍ گنجائش کان وڌيڪ پاڻي ڀرجڻ ڪري ان جا بند پاڻي جي سٽ نه سهي سگهيا ۽ ان جو پاڻي ڀان سعيد آباد ۽ سيوهڻ جي وچ واري علائقن کان درياهه طرف وڌيو ته انڊس هاءِ وي کي ڀان سعيد آباد کان سيوهڻ تائين ڪٽ هڻي پاڻي کي رستو ڏنو ويو، روڊ گاڏين لاءِ مڪمل طور تي بند ٿي ويو، لڳ ڀڳ هڪ مهيني تائين روڊ بند هجڻ کان پوءِ پاڻي جڏهن گهٽ ٿيو ته انڊس هاءِ وي جي هڪ پاسي واري ڏنل ڪٽ کي بند ڪري گاڏين کي هلڻ جي اجازت ڏني وئي، گاڏين کي اجازت ته هلڻ جي ملي پر روڊ کي جهڙي طرح محفوظ بنائڻو هو، تهڙي طرح محفوظ نه ڪيو ويو،

نيشنل هاءِ وي اٿارٽي طرف ڪٽن واري جاءِ تي نه ڪو اشارو رکيو ويو نه ٻئي پاسي واري کليل روڊ جو ڪٽ بند ڪيو ويو، جنهن ڪري ڪجهه ڏينهن اڳ خيرپورميرس کان لال شهباز قلندر جي مزار تي حاضري لاءِ ايندڙ هڪ وين ڊرائيور جي ڪنٽرول مان نڪري ڪٽ واري ان روڊ جنهن کي بند نه ڪيو ويو هو، ان پاسي کان 15 فوٽ گهري پاڻي ۾ ڪري پئي، جنهن جي نتيجي ۾ عورتن، معصوم ٻارڙن ۽ مردن سميت هڪ ئي خاندان جا 20 ماڻهو ٿڏي تي پاڻي ۾ تڙپي تڙپي پنهنجون زندگيون وڃائي ويٺا ۽ وڌيڪ هڪ نياڻي سيوهڻ اسپتال ۾ دم ڏنو. هن واقعي سڄي سنڌ کي سوڳوار ڪري ڇڏيو. ان کان اڳ نوري آباد وٽ هڪ ڪوچ کي اوچتو باهه لڳي وئي، جنهن ۾ سوار خيرپورناٿن شاهه جا ٻوڏ متاثر اهي ماڻهو جيڪي ٻوڏ سبب گهر خالي ڪري ويا هئا، واپس پنهنجي ڳوٺ ويندي سڙي مري ويا، هن واقعي ۾ 18 زنده انسان باهه ۾ سڙي مئا هئا.

ترقي يافته ملڪن ۾ جتي ڪنهن حادثي کان بچڻ کان اڳ ۾ ئي قدم کنيا ويندا آهن، اسان واريون حڪومتون واقعي ٿيڻ جي انتظار ۾ هونديون آهن ۽ جڏهن واقعو ٿي ويندو آهي ته پوءِ مرڻ وارن جي پونيئرن کي پيسا ڏنا ويندا آهن ۽ موت جو سبب بڻجندڙ شئي کي سڌاريو ويندو آهن، ٿيڻ ته ائين گهربو هو ته جيئن ئي ٻوڏ وارو پاڻي روڊ ڇڏي ويو ته ڪٽن کي مڪمل طور تي بند ڪري روڊ کي ٻنهي پاسن کان پنهنجي اصل ۾ صورت ۾ بحال ڪري ٽرانسپورٽ هلائي وڃي ها، پر ائين نه ٿيو، هاڻي جڏهن هي واقعو پيش آيو ۽ 21 انسان زندگيون وڃائي ويٺا آهن ته وفاقي وزير مواصلات اسعد محمود کي به ان ڪٽن سبب ٿيندڙ نقصانن جو اندازو ٿيو جو هن سنڌي قوم جي کڄل لاشن کي ڏسڻ کان پوءِ اين ايڇ اي ۽ موٽروي جي 6 آفيسرن کي معطل ڪيو آهي، ڇا اهو ئي وفاقي وزير روڊن کي بحال ڪرائڻ جا تڪڙا حڪم نامه جاري نه پئي ڪري سگهيو.

اسان وٽ هتي هڪ اهو به وڏو علميو آهي ته روڊن تي بيٺل اهلڪار سڄو ڏينهن رشوت جي رقم گڏ ڪرڻ ۾ مصروف هوندا آهن، گاڏيون ڪيئن ٿيون هلن، گاڏين جي فٽنيس ٿيل آهي، گاڏين ۾ ڪيترا مسافر ويٺل آهن ان جي کين پرواهه ئي ناهي، انهن اهلڪارن جي اکين تي رشوت جي پٽي ٻڌل هوندي آهي، جنهن ڪري روڊ حادثا جنم وٺن ٿا ۽ ڪجهه عرصي دوران هزارين انساني جانيون ضايع ٿيڻ جي باوجود ٽرانسپورٽ جي سسٽم کي سڌاريو نٿو وڃي. ڪنهن به ماڻهو جي مرڻ کان پوءِ جيڪڏهن پونيئرن کي ڪروڙين روپيا به ملن ٿا ته اهي ڪهڙي ڪم جا، ڇو ته منهنجي نظر ۾ انسان جي زندگي جي ڪا به قيمت نٿي ٿي سگهي، انساني زندگي تمام وڏي قيمتي هجي ٿي، هڪ به بيگناهه ضايع ٿيندڙ زندگي جو ڪو به ازالو نٿو ٿي سگهي، ڇو ته مرڻ وارو ڪنهن به قيمت تي واپس نٿو اچي سگهي.

اسان جي وقت جي حڪمرانن ۽ لاڳاپيل اختيارين کي اپيل آهي ته سنڌ جي روڊن کي محفوظ بنائي انساني زندگين کي ضايع ٿيڻ کان بچايو وڃي، ٻوڏ دوران روڊن تي ڏنل ڪٽ فوري طور تي بند ڪري خيرپورميرس جي ماڻهن جي موت واري واقعي جي منصفاڻي جاچ ڪرائي ان جي ذميوار کي سخت کان سخت سزا ڏني وڃي ته جيئن اهڙا جيءُ جهوريندڙ واقعا وري سنڌ واسين کي نه ڏسڻا پون. حڪمرانن کي روڊ حادثن جي روڪرائڻ لاءِ سنجيدگي سان ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، ڇو ته هڪ انسان سان ماڻهن جي هڪ وڏي قطار لاڳاپيل هوندي هڪ انسان جو موت سڄي خاندان جو موت هوندو آهي، انسانن کي روڊ تي ننڌڻڪو ڪري مارجڻ کان بچايو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.