معيشت بدحال ۽ حڪومت بي حال 

رياض ابڙو 

سياسي جهيڙا ڪارين ۾ حڪومت کان اصل ڪارڪردگي ته دل تان لهي وئي آهي ان ڪري عمراني لانگ ۽ شارٽ مارچن حڪومت جون متيون منجهائي ڇڏيون آهن جو هڪ محاذ بند ٿا ڪن ته وري ٻئي محاذ کي سنڀالڻو ٿو پئين، پر سياست سان گڏ ملڪي ٻين معاملن تي ڌيان ڌرڻ به حڪومت جي اولين فرضن ۾ شامل آهي ته اهي انهن شين کي به اک کڻي ڏسن، سيپٽمبر 2022 ۾ شايع ٿيل هيومن انڊيڪس رينڪنگ جي هڪ رپورٽ مطابق پاڪستان 192 ملڪن مان 154 هون ملڪ آهي معني پاڪستان اهڙو ملڪ آهي جنهن ۾ زندگيءَ جون بنيادي سهولتون موجود ناهن، نه پاڪستاني ماڻهن کي پيئڻ جو صاف پاڻي مهيا آهي نه ئي عام ماڻهن کي زندگي جا تحفظ ممڪنا طور تي مهيا آهن، نه ئي کين بنيادي صحت جون ضروري سهولتون مليل آهن ۽ نه ئي هي سرڪار زرعي ملڪ هوندي عام ماڻهن کي ٻن ويلن جي ماني مهيا ڪري سگهي آهي.

ترقيءَ جو اهو حال آهي جو ڪرپشن تي ڪنٽرول ناهي، ڪرپشن پڪڙڻ آسمان مان تارا لاهڻ برابر آهي بدحالي ۽ بڇڙائي جي ڪري عام ماڻهن جي زندگي بي حال، لاچار ۽ خوار خراب آهي عام ماڻهن کي روزگار جا وسيلا مهيا نه ٿا ٿي سگهن، هي شهبازسرڪار ممڪن نه ٿي ڪري سگهي، وري مٿان ورلڊ پريس انڊيڪس ۾ پاڪستان جي رينڪنگ ۾ اڃان 12 پوانٽن جي گھٽتائي آئي آهي جيڪا 2021 ۾ 145 هئي ۽ 2022 ۾ وڃي 157 تي بيٺي آهي وري مٿان ٻوڏ جي تباھ ڪارين جي ڪري رهندو ڪندو ملڪ وڃي اهڙي کڏ ۾ ڪِريو آهي جو نڪرڻ ۾ وري ڪي سال لڳندس.

حڪومت جي سکڻين دعوائن جي ڪري معيشت ان نور کان به نڪري وئي آهي روپئي جي قدر ۾ ايتري لاٿ آئي آهي جو گذريل 20 سالن ۾ به نه آئي هئي، زرعي ملڪ هوندي زرعي پيداوار ۾ زبردست گھٽتائي آئي آهي جو ان گھٽتائي جي ڪري ملڪ جي معيشت اڃان وري به تباھ حالي جو شڪار آهي ۽ معاشي ترقي غيرمستحڪم ٿيندي ٿي رهي جو عام ماڻهوءَ مان قوت خريد ته ويتر ئي ختم ٿي وئي آهي جو ماڻهو رڳو ٻن ويلن جي ماني کائڻ ۾ پريشان لڳا پيا آهن ۽ ٻوڏ جي ڪري هن مالي سال ۾ مهانگائي 23 سيڪڙو کان به وڌي ويندي جو مِني بجيٽ (جيڪا ڊسمبر) ۾ پيش ٿيندي ۽ هي شهبازسرڪار مهانگائي کي ڪنٽرول ته پنهنجي جاءِ تي رهيو پر ان مهانگائيءَ کي اڃان به ٻيڻو چئوڻو ڪري ڇڏيندي، ڇو ته عام ماڻهو رڳو سکڻ نعرن ۽ هنبوشين ۾ پورو لڳو پيو آهي ۽ سڄو ڏينهن پاڻ کي سياست ۾ مصروف رکيون ويٺو آهي ان ڪري انهن سياسي بزي ماڻهن کي ان ڳالھه  جو ڪو غرض ناهي ته مهانگائي ڪٿي پڄندي.

عام ماڻهو جو هن ايندڙ مني بجيٽ ۾ حال ڇا ٿيندو، ڇا ٿيڻو آهي ان ڪري آءِ ايم ايف هيل وري به هن حڪومت تي دٻاءُ وڌائي ڇڏيو آهي ته پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ استحڪام ته ٺهيو پر انهن ۾ واڌرو ڪيو ته جيئن ٽيڪسز ۽ ليويز ۾ اضافو نه ڪرڻ واري ليٽ ماري سگهجي ۽ ان ڪري انهن پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگهن ۾ واڌ جي ڪري جيڪا مهانگائي وري ٿيڻي ٿيندي اها ته حڪومت جي ڪاڳرن ۾ لکيل آهي هيل جي حڪومت آءِ ايم ايف جو چيو نه مڃيو ته آءِ ايم ايف پاڪستان کي قرض جي قسط نه ڏيندي، ان ڪري حڪومت به ان ڳالھه  جي لاءِ مجبور هوندي جنهن ۾ اسحاق ڊار جون ڊاڙون ته پوريون ٿي وينديون ۽ مهانگائي وڌي ويندي،  حڪومت ان ڳالھه  کي منهن ڏيڻ کان به قاصر هوندي ڇو ته شهبازسرڪار آءِ ايم ايف جي فرمائشن کي منهن ڏئي، مهانگائي کي منهن ڏئي وري مٿان سياسي اڻبڻت ان ڪري حڪومت وري به ٻه واٽي تي آهي ڇو ته ٻوڏ جي تباھ ڪارين جي ڪري پرڪيپيٽا انڪم ۾ لاٿ آئي آهي ۽ ٻيو ته ايڪسپورٽ گھٽجي ويون آهن.

انهن سڀني جي گھٽتائي جي ڪري ”جي ڊي پي“ ۾ 3.4 جي شرح سان لاٿ آئي آهي جنهن جي ڪري برآمدات ۾ پڻ خلل پوندو رهيو آهي ۽ اهي به متاثر ٿينديون ان ڪري جو زرعي ملڪ هوندي هيل سان وٽ ڦٽين جي آبادي ۾ به لاٿ آئي آهي ۽ ڪڻڪ، چانور ۽ تيلي ٻجن جا فصل به متاثر ٿيا آهن جن جي ڪري حڪومت هاڻي ڪيتريون به ڊاڙون هڻي پر ان اسڪيل جي امپورٽ ۽ ايڪسپورٽ نه ڪري سگهندي جنهن اسڪيل تي گذريل ڇهن مهينن اندر ڪري پئي سگهي ان ڪري ملڪي معيشت جو حال ڏينهون ڏينهن بري کان برو آهي ۽ امپورٽس وڃن ٿيون وڌنديون هاڻي ته کاڌي جي کوٽ کي به منهن ڏيندا ان ڪري جتي ڪپھه جي فصل کي ڪاپاري ڌڪ لڳو آهي اتي چانور ۽ ڪڻڪ جا فصل به خاطرخواه نه لهندا جن جي امپورٽ وڌندي ته انهن جي اگهن ۾ به اضافو ممڪن هوندو ان ڪري حڪومت بنا دير جي روس کان پيٽرول ۽ ڊيزل جي امپورٽ جا دروازا نه کوليا ته شيون اڃان به وڌيڪ خراب ٿي سگهن ٿيون ان ڪري ته ٻوڏ جي ڪري ملڪي ماڻهن کي کائڻ لاءِ خوراڪ ناهي، جيڪي ٻوڏ جي بهاني جهجها جال مال مليا پئي اهي به وڃي پورا ٿيڻ وارا آهن جن جي کوٽ وري به شهبازسرڪار جي ڳچيءَ جو فندو ٿيندو.

شهبازسرڪار وٽ ٽائيم تمام گھڻو آهي ته معيشت جا سڌارا ممڪن ڪري سگهي ٿي جن ۾ ماڻهن جي پرڪيپيٽا انڪم بهتر ٿي سگهي ان ڪري ماڻهن ۾ جيستائين ننڍڙا ننڍڙا روزگار، گهريلو صنعتون، وڏين صنعتن جي گهڻي پيداوار ۽ گھٽ امپورٽس ممڪن نه ڪبيون تيستائين معيشت جي ٺلهن آسران مان مراد اها به هوندي ته هڪڙي پاسي ڪچرو ڪجي ۽ ٻئي پاسي ٻهاري ڏجي معني نه صفائي ڪري سگهجي نه ڪچرو گھٽ ڪري سگهجي ان ڪري امپورٽس گھٽائڻ جو وڏو ذريعو رڳو گهريلو پيداوار وڌائڻ ۾ آهي ان ڪري ڀلي ننڍڙيون ننڍڙيون صنعتون کڻي امپورٽ واري ڪوالٽي ممڪن نه ڪري سگهن پر گهريلو ضرورتون پوريون ڪري سگهن ٿيون جن ۾ پلاسٽڪ انڊسٽري کان وٺي ٽمبر مارٽ جون ضرورتون ۽ اسٽيل انڊسٽري کان وٺي ننڍين ننڍين صنعتن جا ڄار ممڪنا طور لڳائي ۽ هلائي سگهن ٿيون پر ان ڳالھه  جي لاءِ حڪومت کي سنجيده ٿيڻو پوندو ان ڪري تاڙي کڻي هڪ هٿ سان وڄائي به سگهجي پر اتي ٻيو مثال فٽ ڪري سگهجي ٿو ته عام ماڻهو وڏي ليول تي جي اسڪول ٺهرائي ۽ هلائي نه ٿو سگهي (معنيٰ اسڪولن جي استادن جي پگهارن کان وٺي اسڪول جي ٻين خرچ کاٻارن کي رڳو رياست برداشت ۽ ڀري سگهي ٿي تهڙي ريت روڊ رستا به حڪومت جي اختيارن ۽ وسيعتن ۾ شامل آهن ته اهي رڳو رياست ڪري سگهي ٿي ان ڪري جو رياست وٽ عام ماڻهن جي ٽيڪس جو پئسو جام هجي ٿو.

ان ڪري اهي سڀ ڪم جڏهن حڪومت ڪري سگهي ٿي ته صنعتي يونٽ به حڪومت ئي هلائي سگهي ٿي، اهڙين وڏين اختيارين کي ارپي سگهي ٿي جيڪي وري به حڪومتي آشيرواد سان اهي صنعتون هلائي ۽ وڌائي سگهن ٿا جن سان حڪومت جي مستحڪم ٿيڻ سان گڏ عام ماڻهو به پنهنجي روز جي ڪمائي وڌائي سگهي ٿو جنهن سان خوشحالي جا در کلي سگهن ٿا ان ڪري حڪومت رڳو ٻوڏ بهاني پنڻ جا مقابلا نه ڪري پر معيشت مستحڪم ۽ پائيدار ڪري ۽ خزاني کي پُر رکي ان ڪري جو هيل واري ڪرنٽ اڪائونٽ جو خساري جي پورائي لاءِ چين، سعوديءَ کي ڏسڻ بيڪار هوندو، اهي چين وارا هيل جي قرض ڏيندا به ته اهو 14 سيڪڙو وياج جي شرح کان به وڌيڪ هوندو (جيئن سعودي کان 2018 ۾ قرض وٺي پي ٽي آءِ جي سرڪار ڪرنٽ اڪائونٽ جا خسارا پورا ته ڪيا هيا پر وري 2020 ۾ چين کان اهي ئي پئسا 14 سيڪڙو قرض تي وٺي سعودي کي موٽائي ڏنا هيا).

يا هڪ ڪاٿي مطابق پاڪستان کي 32 ارب ڊالر کپن ان ڪري ته ٻوڏ جي تباهين جي ڪري جيڪي انفراسٽرڪچر تباھ ٿي ويا آهن انهن جي ضروري مرمت ڪري ۽ انهن تباھ ٿيل شين کي وري فعال به ڪري سگهي جن ۾ آبپاشيءَ جو نظام جنهن ۾ فليش فلڊ جي ڪري سڀ نديون نالا تباھ ٿي ويا آهن جنهن ۾ دريائي رستا متاثر ٿيا آهن جنهن ۾ واهڙ پنهنجا رستا ڇڏي فليش فلڊ جو سبب بڻيا،، دريائي رستا لٽجي وڃڻ جي ڪري عام آباديون متاثر ٿيون، وري ٻيو ته ڪچيون آباديون گھڻيون متاثر ٿيون جن ۾ عام ماڻهن جو جاني ۽ مالي نقصان ٿيو جنهن جو ازالو ته مشڪل آهي پر انهن ماڻهن جي زندگيءَ جي رواني ٽٽي پئي جو اهي ماڻهو گرمي ته کڻي نٽهڻ اُسَ ۾ گذاري ويا پر سردين جي سخت ترين راتين ۾ اهي ماڻهو زندگي ڪيئن گذريندا ۽ ٻيو ته گرمي جي ڪري، مڇرن جي ڪري جن بيمارين منهن ڪڍيو انهن سان ڪيئن نبرندا. سردين جي سختي سهڻ انهن غريب ماڻهن جي لاءِ وڏي جهاد جو سبب هوندي ان ڪري 16 ارب ڊالر ته رڳو ترت ڪمن جي اڪلائڻ لاءِ حڪومت کي درڪار آهن ته جيئن هو تڪڙا اپاءَ وٺي سگهن ۽ معيشت کي انڌو منڊو بحال ڪري سگهن ان ڪري خريف جي فصل وڃڻ کانپوءِ هاڻي ربيع جا فصل ڪري اهي ماڻهو ڪنهن  طرح زندگي وري شروع ڪري سگهن ان ڪري نااهل ئي صحيح، امپورٽيڊ ئي صحيح پر شهبازسرڪار گھٽ ۾ گھٽ انهن بدحالين جي بحالي جا لاءِ ترت اپاءَ وٺي ته جيئن زندگي وري شروع ڪري سگهجي.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.