چونڊون، آرمي چيف ۽ توشه خاني کان به اڳتي

امتياز عالم

جيڪو طوفان کڙو آھي، ان کي بلاول ڀٽي چانھن جي پيالي ۾ اڀار قرار ڏيندي عمران خان جي ”رجيم چينج جي آمريڪي سازش“ تي يو ٽرن جي آجيان ڪئي آھي، پر توشه خانھ اسڪينڊل تي لڳاتار يوٽرنز خان جي شفاف ويڙھيل چادر  تي ڪرپشن جي نشانن ئي وائکو ڪري ڇڏيو آهي. نئين آرمي چيف جي مقرري بابت جاري ڇڪتاڻ تي تھ ڀلائي ان ۾ ئي آھي تھ  سپريم ڪورٽ وانگر سينيارٽي جي اصول کي اختيار ڪندي جنرل سيد عاصم منير کي نئون آرمي چيف مقرر ڪيو وڃي ۽ ان بعد جي ٻن ڪمانڊرن مان هڪ کي چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي مقرر ڪري ادارتي  احترام برقرار رکيو وڃي. فوج کي سياست کان پري رکڻ  مقصد آهي ته سينيئر ترين جنرل جي بطورآرمي چيف مقرري  هڪ حقيقت پسنداڻو آپشن آهي. لڳي ايئن ٿو ته ميان نواز شريف کان وٺي عمران خان تائين هر ڪو ان اصول جي پاسداري تي مطمئن هوندو ۽ فوج جي قيادت  به ان تي ڇو اعتراض ڪندي، جيڪو به سپهھ سالار بڻجندوآرمي چيف ٿيندو اهو فوج جو، فوج لاءِ. سويلين ان تي ڇو سٽي بازي ڪري رھيا آھن ؟

چونڊن جو معاملو هاڻي گهڻو تڪراري ناھي رهيو ، هڪ ٻن مهينن سان ڪھڙو فرق پوڻ وارو آھي،پاڻ ۾ بي مقصد جهيڙن ۽ ھڪ ٻئي جي مٿن ڦاڙڻ ۽ وقت ضايع ڪرڻ سان ڪهڙو فرق پوندو؟ بھرحال معاشي بحران وڌندو ئي پيو وڃي،

۽ ٻوڏ متاثرن جي بحالي واري ڪم کان قومي ۽ عالمي ڌيان گهٽجي رهيو آهي. بين الاقوامي امداد جي اپيلن تي 200 ملين ڊالرن کان به گهٽ مدد ملي سگھي ۽مصر ۾ ماحولياتي ڪانفرنس ۾ ماحوليات واري  وزير شيري رحمان ”نقصان ۽ تباهي“ جي ازالي جي لاءِ زبردست  فنڊنگ جي ڪوششن باوجود في الحال ڪو چٽو نتيجو نڪرڻ  جي اميد گهٽ ئي آهي. 32 ارب ڊالرن جي نقصان جي ازالي جي لاءِ 16 ارب ڊالرز جو ڪاٿو ۽ ان جي حصول جو  امڪان ويجھو ويجھو نظر نھ پيو اچي،

مٿان وري  23 ارب ڊالرن جي پرڏيهي فنڊنگ (قرض) جو اندازو لڳايو ويو هو، ته ان ۾ ھن وقت تائين رڳو 4 ارب ڊالرز ملي سگھيا آهن، جڏهن ته پاڪستان جو مجموعي قرض 62 هزار ارب رپين کان به وڌي ويو آهي، جنهن ۾ 12 هزار ارب رپين جو اضافو  گذريل سال سيپٽمبر کان ھن وقت تائين ٿي چڪو آهي. رڳو هن سال قرضن جي ادائيگي جي لاءِ 4.7 کرب رپيا گهربل هوندا.انهن حقيقتن جي روشنيءَ ۾ ڪير اها دعويٰ ڪري سگهي ٿو ته پاڪستان جي ڊيفالٽ ٿيڻ جو خطرو ٽري ويو آهي جڏهن ته پرڏيهي مٽاسٽا جا ذخيرا 8 ارب ڊالزر کان به گهٽ آهن.اهڙين ٻڌتر وارين معاشي حالتن ۾ پاڪستان جي مظلوم عوام جي ڪهڙي حالت هوندي جڏهن مهانگائي 26 سيڪڙو کان مٿي وڃي رهي آهي. اٽڪل 38 سيڪڙو پاڪستاني غربت جو شڪار آهن ۽ باقي 13 سيڪڙو ماڻهو ان بدترين غربت جي پنجي ۾ ڦاسڻ وارا  آهن، جنهن جو مطلب اهو آهي ته هر ٻيو پاڪستاني يعني 11 ڪروڙ پاڪستاني يا بدترين بک جو شڪار  آھن يا ٿيڻ وارا آهن.

اھڙين حالتن ۾ شھبازشريف حڪومت رھي يا عمران خان صاحب اقتدار ۾ واپس اچي، آرمي چيف ڪير لڳي ٿو،آهي، ڪو بھ ان بي رحم معاشي بحران جي چڪر کي ختم ڪرڻ وارو نھ آھي، اِهو سڀ سياسي ڄامڙن ۽ ادارن جي افلاس جي وس جي ڳالھھ ناھي، پاڪستان جنهن ھمھ گير معاشي ۽ ادارتي بحران جي لپيٽ ۾ آهي، ان جو حل ڪو به آسان ۽ سادو رستو ناهي ۽ نه ئي ڪو شارٽ ڪٽ آهي. قرضن تي ڀاڙڻ جو مفت خوري وارو رستو  پورو ٿي چڪو آهي.

هاڻي ته قرضن مان قرضن جي واپسي پڻ مشڪل ترٿي وئي آھي، (اٽڪل 76 سيڪڙو) اٽڪل 5 کرب قرض ادا ڪرڻ بعد خزانو خالي سمجھو،نھ دفاع لاءِ پئسو هوندو، نھ انتظاميه لاءِ ۽ ترقياتي بجيٽ تھ  الله جي حوالي . ڪير ٿو چوي ته سريلنڪا ٿيڻ جو خطرو  ٽري ويو آهي؟

مٿان کان آيل ٻوڏ نه رڳو تباهي مچائي آهي، بلڪھ معيشت جو ڦيٿو به بنھھ سست ڪري ڇڏيو آھي،  قومي آمدني جو 10 سيڪڙو اڳي ئي ماحولياتي تباهي جي نذر ٿي چڪو آهي، رھيل سھيل ڪسر تھ مهانگائي، رپئي جي گهٽتائي،مارڪيٽ جي ٻاڙائي  ۽ سياسي بي يقيني پوري ڪري ڇڏي آھي.ھڪ تباھ حال پاڪستان مان سياسي پارٽيون ۽ ادارا هاڻي ڪھڙي خراج وصول ڪرڻ جي ھڻ ھڻان ۾ آهن،بچيو ئي ڪجھھ ناھي.پاڪستان  اندروني حالت ۾ تباهيءَ جي ڪناري تي بيٺو آهي،  انقلاب تھ نھ،افراتفري ئي نھ مقدر بڻجي،

هڪ مفت خور  خرچ ڪندڙ رياست جيڪڏهن  پنهنجو خرچ اڌ گھٽائڻ تي تيار نھ ٿي تھ ڌڙام سان ڊھي سگھي ٿي. معيشت جو اڌ حصو ٽيڪس جي دائري کان ٻاهر رهي ٿو،معيشت  جي گاڏي هلندي نٿي ڏسجي. سرڪاري ڪارپوريشنز جي نقصان مان فوري جان نھ ڇڏائي وئي ته اهي قوم جي حياتي کسي وٺنديون.

هر آمدني ڪمائيندڙ کي ٽيڪس ۾ نٿو آندو وڃي ۽ اميرن جي سمورين رعايتن کي ختم نٿو ڪيو وڃي تھ خزانو خالي ئي رھندو،ججن جرنيلن ۽ بيورو ڪريٽس جون پگھارون ۽ وظيفا ٽي ڀاڱي چار ختم ڪرڻ بنا ڪو رستو ناھي،مطلب اھو تھ اميرن جو قبضو،مفت خوري ۽ عياشي کي ختم ڪرڻ جو وقت اچي ويو آھي،قرض جي ڦندي مان نڪرڻ جي لاءِ قرضن جي ري شيڊولنگ ،معافي ۽ سمورن غيرپيداواري ڪمن جي لاءِ قرض تي بندش سان گڏوگڏ ڊگھين رٿائن جي ضرورت آھي تھ ڪيئن انھن مان جان آجي ڪري سگھجي.

اهي قدم تھ صرف بدترين صورتحال مان نڪرڻ لاءِ انتھائي ضروري آهن. ھٿ ڊگھيرڻ ، پسماندگي ۽ غير پيداواري مفت خور ۽ مسواڙ خور  معيشت جي جاءِ تي نيئن  گھڻ رخي  جامع عوامي ترقي جي  ماڊل کي اختيار ڪرڻ  کپي، پيداواري صلاحيت، پيشيوراڻي مھارت، تعليم ، صحت،  انساني ۽ معاشي تحفظ جي سلامتي واري  نظريي کي اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي، جنهن لاءِ موجوده حڪمران طبقن وٽ اها صلاحيت نه آهي. ان جي ابتڙ  اهي ئي هن بحران جا ذميوار آهن ۽ انهن جي ھوندي ڪو به سماجي ۽ معاشي وڏو ڦيرو اچڻ وارو نھ آھي،  سڙيل جھرندڙ  حڪمرانن ۽ انهن جي نمائندن کان ڇوٽڪاري حاصل ڪرڻ کانسواءِ موجوده انتها پسند بحران جو ڪو به پائيدار حل ممڪن نه آهي.عمران خان ۽ موجوده  حڪومت جون اتحادي جماعتون جيڪا مرضي ھجي ڌماچوڪڙي مچائينديون رھن اھو بحران ٽرڻ وارو نھ آھي، هاڻي جيڪڏهن ڪو پريشان شهري ڏسي تھ ڪنھن طرف، ڪو ھن جو حال سمجھڻ وارو نھ آھي.

اهڙي صورتحال ۾ غيب مان به مدد اچڻ واري نھ آھي،جيستائين ھن  ملڪ جو عوام نٿو جاڳي ۽ تاريخ جو رخ نٿو ڦيرائي،  اي لوڪو! ڪڏهن جاڳندا،حشر جو وقت اچي ويو آهي!

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.