سوڀو ديرو لڳ سوزڪي جي ٽڪر ۾ نينگرفوت، گهر ۾ماتم

سوڀوديرو (ن ع آ)   سوڀوديرو لڳ ڳوٺ ڪمال لاشاري ۾ ڇھن سالن جو معصوم نينگر ناصر ولد حبدار لاشاري ڄڃ کڻڻ آيل سوزڪي جي ٽڪر ۾ شديد زخمي ٿي پيو، جنھن کي وارث گمبٽ گمس اسپتال کڻائي ويا، جتي زخمن جا سور نه سھندي معصوم نينگر ناصر حسن لاشاري فوت ٿي ويو، فوتي نينگر جي وارثن چيو ته سوزڪي ڊرائيور فرمان پتافي اسان سان وڏو ظلم ڪيو،سوڀوديرو پوليس سوزڪي ڊرائيور کي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو، نينگر جي فوت ٿيڻ جي  اطلاع تي نينگر جي گھر ۾ قھرام مچي ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.