ملير ۾ ٻارڙي سان زيادتي ۽ قتل واقعي جي جاچ لاءِ ڪميٽي قائم

ملير(ڊ.ر) قائدآباد جي علائقي مسلم آباد ۾ 8 ورهن جي معصوم نينگري کي اغوا بعد جنسي ڏاڍائي جو نشانو بڻائي بيدردي سان قتل ڪندڙ وحشي جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ايس ايس پي جاچ ملير عارب مهر پاران 5 پوليس آفيسرن تي ٻڌل تحقيقاتي ٽيم جوڙي ڇڏي ، تحقيقاتي ٽيم فوري طور تي واقعي جي چئني رخن کان ٽيڪنيڪل بنيادن تي جاچ ڪندي، جاچ ٽيم ۾ ڊي ايس پي قائدآباد غلام محمد مهر،ايس ايڇ او قائدآباد اشرف جان، ايس آءِ يو قائدآباد ارشد اعوان، سب انسپيڪٽر ذاڪر الله خان ۽ حفيظ تنولي شامل آهن، واقعي بابت جوڙيل جاچ ٽيم روزانه جي بنياد تي رپورٽ ٽيم جي سربراهه کي پيش ڪندي، ان حوالي سان نوٽيفيڪشن پڻ جاري ڪيو ويو آهي، ايس ايس پي جاچ ملير عارب مهر صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته معصوم نينگري منيبه جي قتل ۾ ملوث جوابدارن کي جلد گرفتار ڪيو ويندو جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڊي ايس پي قائدآباد جي سربراهي ۾ پنج رڪني ٽيم جوڙي آهي جيڪا نينگري کي اغوا، جنسي ڏاڍائي ۽ قتل بابت ٽيڪنيڪلي بنيادن تي جاچ ڪندي هن چيو ته جوابدار دنيا جي ڪنهن به ڪنڊ ۾ هوندا قانون جي گرفت کان بچي نه سگهندا

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.