شهدادڪوٽ : معصوم نينگري سان زيادتي الزام ۾ جوابدار گرفتار

شھدادڪوٽ ( ثمر رفيق ڀٽي ) شھدادڪوٽ ۾ چار ڏينهن اڳ 7 ورھين جي معصوم ٻارڙي سان مبينا جنسي ڏاڍائي ڪندڙ جوابدار کي پوليس گرفتار ڪري ورتو آهي، اي سيڪشن پوليس نيو ڪمبوھ پاڙي ۾ ڇاپو ھڻي نينگري فاطما ھاڙھو سان مبينا جنسي ڏاڍائي واري الزام ھيٺ آيل 60 ورھين جي پيرسن جوابدار عبدالغفور مگسي کي گرفتار ڪري ورتو آهي، جوابدار مٿان ٻارڙي سان زبردستي زنا ڪرڻ جي پڻ ايف آءِ آر داخل ٿيل آهي, ھوڏانھن پوليس جوابدار جا سيمپل ڪڍرائي ڪيميڪل رپورٽ لاءِ ليبارٽري ڏانهن پڻ موڪلي ڇڏيا آهن وڌيڪ واقعي بابت جوابدار کان جاچ پڻ جاري آهي ياد رھي ته شھر جي سبزي منڊي واري پاڙي جي رھواسي ثنا الله ھاڙھو چار ڏينهن اڳ شھر جي اي سيڪشن ٿاڻي تي پھچي پنهنجي پاڙيسري  عبدالغفور مگسي تي الزام لڳايو ھو ته ھن سندس 7 ورھين جي ڌي فاطما کي گھر وٺي وڃي ڪپڙن کان آجو ڪري زيادتي ڪئي آهي جنهن کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.