آمريڪا ۾ هم جنس پرستن جي ڪلب ۾ فائرنگ 5 ڄڻا مارجي ويا، 18 زخمي

واشنگٽن(م ڊ) آمريڪا ۾ پولوراڊو اسپرنگس ۾ واقع هم جنس پرستن جي هڪ ڪلب ۾ فائرنگ سبب 5 ڄڻا فوت ۽ 18 زخمي ٿي پيا. آمريڪي نشرياتي اداري مطابق پولو راڊو اسپرنگس پوليس جي ترجمان ٻڌايو ته گذريل رات ڪلب ۾ هڪ هٿياربند شخص فائرنگ ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ 5 ڄڻا فوت ۽ 18 زخمي ٿي پيا. هن ٻڌايو ته پوليس فائرنگ جي اطلاع تي فوري طور تي واقع واري هنڌ پهچي هڪ شڪي شخص کي گرفتار ڪري ورتو جيڪو پاڻ به زخمي هو. پوليس ۽ امدادي ڪارڪنن جي مدد سان زخمين ۽ فوتين کي ويجهي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.