سنڌ سرڪار انٽر جا نتيجا جاري نه ڪرڻ جو نوٽيس ورتو

ڪراچي(رپورٽر)سنڌ سرڪار پاران يارھين ۽ ٻارھين ڪلاس جي سالياني امتحانن جا نتيجا جاري نه ڪرڻ تي سختي سان نوٽس ورتو آهي،سنڌ جي بورڊز واري وزيراسماعيل راھو نوٽس وٺندي سمورن بورڊز کي يارهين ۽ ٻارهين جي  سالياني امتحانن 2022 جا نتيجا ھڪ ھفتي ۾ جاري ڪرڻ جون ھدايتون جاري ڪيون آھن ۽ يونيورسٽين  ۽ بورڊز کي فيصلي تي سختي سان عملدرآمد ڪرائڻ جي پڻ ھدايت ڪئي آھي.خط  ۾ بورڊز انتظاميا تي ناراضگي جو اظهار ڪندي وارننگ ڏني وئي آهي ته حڪومتي حڪمن تي عملدرآمد نه ڪرائيندڙ ذميوا ر آفيسرن خلاف سخت قانوني ڪاروائي ڪئي  ويندي   اسماعيل راھو جو چوڻ هو ته فيبروري 2022 جي اسٽيئرنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ 12 ھين جماعت جي نتيجن جي اعلان لاءِ 15 سيپٽمبر 2022 جي تاريخ مقرر ڪئي وئي ھئي،انٽر ميڊيئيٽ بورڊزڪراچي، حيدرآباد ۽ ميرپورخاص جا نتيجا 15 سيپٽمبر 2022 تي جاري ڪرڻ جي تاريخ مقرر ڪئي وئي هئي.تعليمي بورڊز جي  صوبائي وزير اسماعيل راهو جو چوڻ هو ته نتيجا جاري ڪرڻ ۾ ديرڪرڻ ناقابل برداشت آهي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.