ڪشمور ويجهو ڏير هٿان چئن ٻارن جي ماءُ ڪڌي رسم تحت قتل

ڪشمور(رپورٽر)ڪشمور ويجھو گيھلپور ٿاڻي جي حد ڳوٺ دين محمد ڪوش ۾ جوابدار ڀاڄائي کي قتل ڪري ڇڏيو. چئن ٻارن جي ماءُ 40 ورھين جي مسمات ميران ڪوش ٿڏي تي مارجي وئي. گيھلپور ٿاڻي جي حد ڳوٺ دين محمد ڪوش ۾ ڪارنهن الزام ۾ ڏير جوابدار ﷲ رکيو ڪوش 40 ورھين جي ڀاڄائي کي ڪلاشنڪوف جون گوليون هڻي فرار ٿي ويو. گيھلپور ٿاڻي جي پوليس مارجي ويل عورت جو لاش پوليس موبائيل ذريعي تعلقه سول اسپتال منتقل ڪيو ضروري ڪارروائي کانپوءِ لاش وارثن حوالي ڪيو ويو مقتولڻ جي ڀاءُ جي فرياد تي مک جوابدار ﷲ رکيو ڪوش سميت چار جوابدارن مٿان قتل جو ڪيس داخل ڪيو ويو. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.