ميان صاحب ۾ مقتول جي وارثن جو ڪيس داخل نه ٿيڻ خلاف لاش رکي ڌرڻو

ميان صاحب ( ن ع آ ) ميان صاحب ڀرسان جهانواهھ ٿاڻي جي حد ۾ ڀيا-معرفاڻي جهيڙو مامرو ، مقتول جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو ، ڌريون مورچا بند ، وڌيڪ رتوچاڻ جو خدشو ، معرفاڻي برادري جي هڪ ورهين جي نينگري بيماري سبب مبينا اسپتال نيندي فوت ٿي وئي وارثن پاران اڳوڻي ايم پي اي بابل خان ڀيو مٿان الزام مڙهندي چيو ته نينگري صابده  بيمار هئي جنهن کي علاج لاءِ شڪارپور اسپتال کڻي وڃي رهيا هئاسين ته اڳوڻو ايم پي اي بابل خان ڀيو رستي روڪ ڪري عورتن جي تذليل ڪئي جنهن سبب نينگري تڙپي تڙپي فوت ٿي وئي، معرفاڻي برادري جي مسمات ڪراڙي خاتون ۽ ٻين عورتن جون ميڊيا اڳيان احتجاج ڪندي دانھون، ٻي طرف معرفاڻي برادري جي چڱي مڙس عبدالرحمان معرفاڻي چيو ته بابل خان ڀيو کي سردار نٿا مڃون هو ڀيو آ اسين ابڙا آهيون تمام معرفاڻي برادري ڳڙهي ياسين تائين پاڻ ۾ متحد آهيون جهيڙو چوري مامري تي نه رستي جي لنگھه تان ٿيو آهي چڱو مڙس عبدالرحمان معرفاڻي، جڏھن ته مقتول سراج معرفاڻي جي امڙ مسمات ڪراڙي خاتون چيو ته 4 ڏينهن گذرڻ باوجود جهانواھ پوليس ڪيس داخل نٿي ڪري ھن آئي جي سنڌ ۽ ايس ايس پي شڪارپور قتل ڪيس داخل ڪرڻ جو مطالبو ڪيو .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.