داد لغاري لڳ سڳ نه ڏيڻ تان زهر ڏئي مارڻ جا الزام، احتجاج

داد لغاري ( ن ع آ  )  داد لغاري ويجھو ڳوٺ عبدالحق دشتي جو رھواسي شيرمحمد دشتي داد لغاري پريس ڪلب پھچي دانھيندي چيو ته ڳوٺ جي بااثر عبدالسلام دشتي ۽ سندس پٽن عبدالوحيد، عبدالرشيد ۽ معشوق دشتي وارن منھجي پيرسن امڙ مسمات سھتي دشتي کي بوتل ۾ زھر ڏنو آھي، ھن چيو ته  اسان جي غير موجودگي ۾ بااثر گھر ۾ گھڙي منھجي ماءُ کان زبردستي منھجي  ڀيڻ جو رشتو گھريو انڪار ڪرڻ تي انھن ماءُ کي زھر ڌئي مارڻ جي ڪوشش ڪئي آھي، زھر ڏيڻ بعد منھجي امڙ بيھوش ٿي وئي، جنھن کي اسان انتھائي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ رحيميار اسپتال داخل ڪرايو آھي، داد لغاري پوليس به رپورٽ درج ڪرڻ باوجود  اسان سان انصاف نه ٿي ڪري ۽ رشوت وٺي بااثرن خلاف ڪاروائي نه ٿي ڪري،  ايس ايس پي گھوٽڪي فوري طور نوٽس وٺي ۽ اسان گھرڀاتين کي موتمار ڌمڪيون ڏيندڙ عبدالسلام دشتي ۽ ٻين بااثرن خلاف ڪاروائي ڪري اسان سان انصاف ڪري ۽ اسان کي تحفظ فراھم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.