چڪ ڀرسان زمين جي مالڪي تان فائرنگ، هڪ ڄڻو مارجي ويو، 2 زخمي

لکي غلام شاهه(رپورٽ نديم جان مهر)چڪ لڳ ڪچي واري علائقي ۾ زمين جي مالڪي تان فائرنگ هڪ ڄڻو قتل 2 زخمي علائقي ۾ خوف واري صورتحال پيدا ٿي وئي (تفصيل موجب)چڪ لڳ ڪچي واري علائقي بچل ڀيو ٿاڻي جي حد ۾ مهر برادري جي ٻن ڌرين عمران علي مهر ۽ شيرل مهر وچ ۾ زمين جي مالڪي تڪرار تان جهيڙو ٿي پيو فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو زبير پٽ شيرل مهر  قتل ٿي ويو جڏهن ته ٻي ڌر جا ٻه ڄڻا حفيظ الله مهر ڪامران مهر شديد زخمي ٿي پيا زخمين کي لکي غلام شاهه اسپتال منتقل ڪيو ويو جتان سکر موڪليو ويو جڏهن ته پوليس مقتول نوجوان جو لاش هٿ ڪري لکي غلام شاهه اسپتال مان پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪري ڇڏيو مقتول زبير مهر جو لاش چڪ جي ناڪي نمبر ٽي ڀرسان گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو. ڌرين ۾ ڇڪتاڻ سبب خوف هراس ڇائنجي ويو ويو ٻئي ڌرين چڪ شهر واسي هئڻ ڪري شهر ۾ ڇڪتاڻ پيدا ٿيڻ جو خدشو ظاهر ڪيو پيو وڃي ٿو. ڌرين پاران زمين تي مالڪي جي دعوا ڪئي وئي آهي مقتول نوجوان جي پيءُ شيرل مهر جو چوڻ آهي ته ته منهنجي پٽ کي بلاجواز قتل ڪيو ويو آهي هو بااثر آهن آئون مسڪين آهيان ڪوئي ٻڌڻ وارو ناهي انصاف ڏياريو وڃي هوڏانهن ٻي ڌر جي عمران علي مهر جو چوڻ آهي ته اسان پنهنجي موروثي ملڪيت تي ڪڻڪ جي پوکي ڪري رهيا هئاسين ته شيرل مهر هٿياربند وٺي اچي اسان جو هر بند ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي انڪار تي فائرنگ ڪري ڏني جنهن ۾ اسان جا ٻه نوجوان حفيظ الله مهر ڪامران علي مهر زخمي ٿي پيا هن جي پٽ کي پنهنجي ساٿين کان گولي لڳي آهي اسان کي خون ۾ ڦاسائي زمين ڦٻائڻ چاهي ٿو. اسان جو هن سان ڪوئي تڪرار يا ذاتي رنجش نه آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.