گهڙي چور فوج کي دعوت ڏئي رهيو آهي: نثار کهڙو

ڪراچي(رپورٽ : حفيظ ڦلپوٽو ) ڪراچي جي لياري واري علائقي چاڪيوڙه ۾ پ پ پاران يوم تاسيس جي موقعي تي جلسو منعقد ڪيو ويو جلسي ڪارڪنن ۾ مردن عورتن ٻارڙن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي آتشبازي پڻ ڪئي تقريب ۾ پ پ پ اڳواڻ نجمي عالم خطاب ڪندي چيو ته عمران خان نيازي هن ملڪ کي پنهنجي مرضي موجب هلائڻ چاهي ٿو،صوبائي وزير سعيد غني خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي فيصلو ڪيو آهي ته پاڪستان پيپلزپارٽي يوم تاسيس جي موقعي تي پوري ملڪ ۾ هر ڊويزن سطح تي جلسا ڪيا ويندا. پ پ  عمران خان نيازي کي ملتان ۽ ملير ۾ شڪست ڏني. لياري جي سيٽن تي ڌاڙو هنيو ويو. لياري جون 3 سيٽون هيون جنهن تي پاڪستان پيپلزپارٽي پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري به اميدوار هيو. بلاول ڀٽو زرداري سميت سڀني اميدوارن کي هٿ سان هارايو ويو. هن چيو ته ڪراچي ۾ ميئر پاڪستان پيپلزپارٽي جو ڪرڻو آهي. ڪي اليڪٽرڪ ڪراچي سميت لياري جي عوام سان زيادتي بند ڪري لوڊشيڊنگ ختم ڪري عوام کي پريشان نه ڪيو وڃي. وقار مهدي خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي 30 سالن کان وڌيڪ آمريت خلاف جدوجهد ڪئي. شهيد محترمه بينظير ڀٽو کي مشرف دور ۾ شهيد ڪيو ويو. ڪارڪنن کي ڪوڙا هنيا ويا ڪارڪنن کي کي جيلن ۾ بند ڪيو ويو. پ پ اڳواڻ نبيل  گبول خطاب ڪندي چيو ته عمران خان نيازي کي مان چيلينج ٿو ڪيان اچي لياري ۾ اچي مون سان مقابلو ڪري جيالا سندس ضمانت ضبط ڪري ڇڏيندا. رياست مدينا جي ڳالھ ڪندڙ ڪعبته الله واري گهڙي چوري ڪري وڪرو ڪري آيو ان موقعي تي پ پ اڳواڻ نثار احمد کهڙو خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي واحد پارٽي آهي جن ملڪ خاطر قربانيون ڏنيون. عمران خان نيازي گهڙي ته چورائي پر هن جتي به چورائي هوندي. عوام عمران خان نيازي جي لانگ مارچ کي رد ڪري ڇڏي. فوج واضع ڪري ڇڏيو آهي ته سياست ڄاڻي توهان ڄاڻو پر عمران خان نيازي پاڻ فوج کي دعوت ڏئي ڪري ملڪ کي تباهه ڪري رهيو آهي. پاڪستان پيپلزپارٽي جي جيالن عمران خان نيازي کي ڪراچي ۾ ڏينهن جا تارا ڏيکاري ڇڏيا. پ پ ضلعي ڏکڻ جي صدر خليل حوت خطاب ڪندي چيو ته لياري پيپلزپارٽي جو ڳڙھ آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.